Book Name:اِنَّا لِلّٰہ Parhnay Ki Barkatein
تمام گهڻو پيار هيو، خدا طرفان ڪجھ ايئن ٿيو جو هڪ ڀيري حضرت ابو عُمير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيمار ٿي پيو ۽ بيماري ڏينهن به شدت اختيار ڪندي وئي.
پٽ بيمار هيو ئي، ان سان گڏوگڏ حضرت ابوطلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پٽ جي غم ۾ بيحال ٿي رهيا هئا پر قربان وڃو! صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم جي نيڪي سان محبت صد مرحبا..!! گهر ۾ پٽ بيمار هيو، ان جي باوجود حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا ڪندا هئا. سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار جي درس ۾ شريڪ ٿيندا، قرآن ڪريم سکندا،، احاديث مبارڪه پابندي سان ٻڌندا هئا، مطلب ته پٽ جي بيمار هجڻ ۽ ان جو شديد صدمو هجڻ جي باوجود سندن ديني مصروفيتن ۾ ڪابه ڪمي نه آئي.
هڪ ڀيري حضرت ابوطلحه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ مسجد ۾ هئا ته سندن پٽ جو وصال ٿي ويو.[1]
هاڻي هڪ ماءُ جو بي مثال صبر ڏسو! حضرت بيبي اُمّ سليم رَضِىَ اللهُ عَـنْها پٽ کي هڪ ڪمري ۾ ليٽائي ڇڏيو،[2] ان جي مٿان چادر وجهي ڇڏي ۽ گهر وارن کي چئي ڇڏيو ته ڪوبه سندن پيءُ حضرت ابوطلحه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کي وفات جي خبر ڏي، پٽ جي وفات جي خبر انهن کي مان پاڻ ٻڌائينديس.[3] جيئن ته رات ٿي حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ گهر آيا، پٽ جي طبيعت پڇائون ته حضرت اُمّ سليم رَضِىَ اللهُ عَـنْها چيو: تمام چڱي حالت ۾ آهي: جڏهن کان بيمار ٿيو آهي، اَڄ جيترو سڪون سان سُتو آهي اوترو ڪڏهن نه سُتو. پوءِ پاڻ مڙس کي ماني ڏنائون، سندن چڱي طرح خاطرداري ڪئي، جڏهن ڏٺائون ته هاڻي حضرت ابوطلحه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پُرسڪون ۽ مطمئن آهن ته چيائون: مون کي اهو ٻڌايو! جيڪڏهن پاڙيسري ڪا شيءِ عارضي طور تي وٺي، پوءِ ان کان اها شيءِ واپس ورتي وڃي ته اهو ان تي شور مچائڻ لڳي ته ڇا ان کي ايئن ڪرڻ جڳائي ٿو؟ حضرت