Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـهعَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به آدب سکندو (5) ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي، ان سان ٻين کي ڪراهت محسوس ٿيندي آهي (6) جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت ناهي (7) ڳالهه ٻولهه ڪندي بلڪ ڪنهن به حالت ۾ ٽهڪ نه ڏيو ڇوته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ڪڏهن به ٽهڪ نه ڏنو (8) گھڻو ڳالهائڻ ۽ هر هر ٽهڪ ڏيڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي (9) سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو فرمانِ عاليشان آهي؛ ”جڏهن توهان ڪنهن ٻانهي کي ڏسو ته اُن کي دنيا کان بي رغبتي ۽ گهٽ ڳالهائڻ جي نعمت عطا ڪئي ويئي آهي ته اُن جي ويجھڙائي ۽ صحبت اختيار ڪريو ڇوته اُن کي حڪمت عطا ڪئي ويندي آهي۔[1] (10) فرمان مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم :”جيڪو چُپ رهيو، ان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو۔[2] (11) ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي (12) بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بلااجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔[3] ۽ بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا؛ ”اُن شخص تي جنت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔


 

 



[1] سنن ابن ماجه، ج 4 ص 422 الحديث 4101

[2] سنن ترمذي ج 4 ص 225 حديث 2509

[3] فتاوي رضويه، ج 21 ص 127