Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هتي ڪجھ ڏينهن قيام فرمايو ۽ هن مقام تي هڪ مسجد جو بنياد رکيو.[1] هي تاريخِ اسلامي جي سڀني کان پهرين مسجد هئي، جنهن کي مسجد قُبا جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن مسجد جي فضيلت ۾ ربّ ڪائنات جو هي مبارڪ ارشاد قرآنِ ڪريم جي مقدس صفحن تي قيامت تائين جڳمائيندو رهندو.
لَمَسۡجِدٌ اُسِّسَ عَلَی التَّقۡوٰی مِنۡ اَوَّلِ یَوۡمٍ اَحَقُّ اَنۡ تَقُوۡمَ فِیۡہِ ؕ (پارہ:11 ،التوبہ :108)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اها مسجد جنهن جو بنياد پهرين ڏينهن کان پرهيزگاري تي رکيو ويو هو، اها هن جي حقدار آهي ته توهان ان ۾ بيهو.
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قُباءَ نالي جڳھ تي 14 يا 24 ڏينهن قيام فرمايو، ايترن ڏينهن ۾ قُباء مسجد جي تعمير مڪمل ٿي چڪي هئي، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مديني شريف ڏانهن روانا ٿيا، رستي ۾ قبيله بنو سالم وٽ ترسيا، هتي پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پهريون جمعو ادا فرمايو، هي جمعو جنهن مسجد ۾ ادا ڪيو ويو هيو، اها مسجد اڄ به ”مسجدِ جمعه “ جي نالي سان مشهور آهي ۽ زيارت جو مرڪز بڻيل آهي.[2]
پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مدينه منوره تشريف کڻي آيا، هتي اچي به پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀ کان پهريان جيڪو ڪم سرانجام ڏنو، ان ۾ هڪ اهم ترين ڪم هي هيو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ زمين خريد فرمائي ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مبارڪ هٿن سان اُتي مسجد جو بنياد رکيو، هي اها مبارڪ مسجد آهي جنهن جا امام ڪي ٻيا نه بلڪه پاڻ امام الانبياء، محبوب خدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هئا،