Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

پڙهي ۽ واپس هليا وياسين، هي به تمام ٿورا ماڻهو ڪندا آهن، ڪيئي ته اهڙا آهن جيڪي نمازن جي پرواھ ئي ناهن ڪندا. الله پاڪ انهن کي توفيق بخشي ۽ اسان جي حال تي رحم فرمائي، خير! جيڪو نمازون پڙهندا آهن، انهن جو به هي حال آهي جو آيا، نماز پڙهي ۽ هليا ويا، جڏهن ته اسان جي دڪان، اسان جي گهر سان اسان جو تعلق ڪيئن هوندو آهي؟ ان جي بلڪل اُبتڙ .....!! جهڙي طرح گهر اسان جي گهر ۾ دل لڳندي آهي، انهي طرح مسجد ۾ ناهي لڳندي. هي اسان جو حال آهي پر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   ڇا فرمائي رهيا آهن؟ مسجد کي پنهنجو گهر بڻايو..!!!

ڄڻ اسان کي هي تعليم ڏني پئي وڃي ته جيڪو تعلق اڄ اسان پنهنجي گهر سان رکون ٿا، جهڙي دل جي وابستگي گهر سان آهي، اهڙي وابستگي مسجد سان اپنايو! الله پاڪ جي نبي حضرت عيسي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  هڪ ڀيرو پنهنجي حوارين کي فرمايو: (اي حواريو...!!) پنهنجي) گهرن کي منزل (يعني عارضي قيام گاھ بڻايو)! ۽ مسجدن کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو بڻايو..!![1]

لهٰذا ڪوشش ڪيو! جڏهن واندڪائي ملي، مسجد ۾ حاضر ٿي وڃو، جسيتائين مسجد ۾ رهندا، نيڪين جو ميٽر هلندو رهندو، شيطان کان به حفاظت رهندي جو مسجد شيطان کان بچڻ جي لاءِ مضبوط قلعو آهي، جيستائين مسجد ۾ رهندا دنيا جي فضول کان بچت رهندي، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: مسجد جي فضا ايمان جي لاءِ فائديمند آهي(جو ان سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي)[2]


 

 



[1] تاريخ مدینہ دمشق، عیسیٰ بن مریم، رقم:5519، جلد:47، صفحہ:423۔

[2] تفسیرِ نعیمی ،پارہ:2،البقرہ،زیرِ آیت: 153،جلد:2 ،صفحہ:82 بتغیر قلیل