Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
جڏهن قيدين کي ڪنهن طرح آزاد ڪرڻ تي راضي نه ٿيو ته هڪ 17 سالن جي نوجوان حضرت محمد بن قاسم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي سندس سربراهي ۾ هڪ وڏو لشڪر ڏئي روانو ڪيو ويو، حضرت محمد بن قاسم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه دَيبل پهتو، ڪافي ڏينهن جنگ جاري رهي، آخرڪار دَيبل کي فتح ڪري ورتو ۽ قيدين کي آزاد ڪرائي ورتو.
دَيبل جي قلعي جي جيل خاني جو جيڪو جيلر هيو، ان مسلمان قيدين وٽ ڏينهن رات گذاريا هيا، سندن اخلاق، انهن جي عبادت ڪرڻ جو انداز ان پنهنجي اکين سان ڏٺو هيو ۽ هي کانئن تمام گهڻو متاثر ٿي چڪو هيو، جيئن ته جنهن وقت مسلمانن جي لشڪر دَيبل جي قلعي تي فتح جو جهنڊو لهرايو هيو، جيل خاني جي ان نگران کي حضرت محمد بن قاسم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سامهون پيش ڪيو ويو، کيس اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏني. هي شخص مسلمانن جي اخلاق، انداز ۽ عادتن کان اڳي ئي متاثر ٿي چڪو هيو، جيئن ته ان فوري طور ڪلمو پڙهيو ۽ مسلمان ٿي ويو. [1]
پياراسلامي ڀائرو! هي آهي مسلمانن جو پيارو اخلاق، پيارو پيارو ڪردار...!! جنهن کي ڏسي ڪري غير مسلم ڪلمو پڙهي وٺندا هئا. هي صرف هڪ جيلر جي ڳالھ ناهي. محمد بن قاسم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن سندھ کي فتح ڪيو ته ان علائقي جو ظاهري نقشو جيتوڻيڪ اهو ئي هيو پر هتان جو انداز، هتان جي رهڻ وارن جون عادتون، طور طريقا ۽ اخلاق مٽجي ويا هئا، هي ئي دَيبل جو قلعو جيڪو پهريان ڪفر ۽ شرڪ جو اڏو هيو، بعد ۾ علمِ دين جو تمام وڏو مرڪز بڻجي ويو، هتي وڏن، وڏن عالمن، محدثن جنم ورتو، هن کان علاوه سڄي سنڌ ۾ ئي علم دين پکڙجي ويو، هتي وڏا وڏا عالم پيدا ٿيا، هتي حَضرت بايزيد بسطامي