Book Name:Ummat e Muslima Akhri Ummat Kyon
پاڪستان بڻيو، ” ان وقت 30 لک مسلمان شهيد ٿيا هئا۔“([1])
شہید تم سے یہ کہہ رہے ہیں، لہو ہمارا بھلا نہ دینا
قسم ہے تم کو اے سرفروشو! لہو ہمارا بھلا نہ دینا
وُضُو ہم اپنے لہو میں کر کے خُدا کے ہاں سُرخرُو ہیں ٹھہرے
ہم عہد اپنا نباہ چلے ہیں، تم عہد اپنا بھلا نہ دینا
اي عاشقانِ رسول! 14 آگسٽ انهن شهيدن جي ورسي جو ڏينهن آهي، ورسِي جي ڏينهن ميوزڪ ناهي وڄائبو، قرآنِ ڪريم پڙھي، روزا رکي، فاتحه خواني ڪري پنهنجي شهيدن کي، فوت شُدگان کي ايصالِ ثواب ڪيو ويندو آهي۔ 14 آگسٽ تي عبادت ڪريو، شڪراڻي جا نفل پڙھو ۽ پاڪستان جي لاءِ شهيد ٿيڻ وارن کي ايصالِ ثواب ڪريو۔
ڇا اوهان کي خبر آهي، پوئين امتن جا نيڪ ماڻهو جشن آزادي ڪيئن ملهائيندا هئا، جي ها! يوم آزادي صرف پاڪستان وارن جي لاءِ خاص ناهي، پوئين امتن ۾ به غلامي کان آزادي جو ڏينهن ملهايو ويندو هيو. جيئن آزادي کان پهريان اسان غلامي جي زندگي گذاري رهيا هئاسين، انهي طرح بني اسرائيل به هڪ عرصي تائين فرعون جي غلامي ۾ رهيا، آخرڪار حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي ذريعي بني اسرائيل کي فِرعَون کان آزادي ملي، جڏهن اها آزادي ملي ته الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام اهو ڏينهن ڪيئن ملهايو هو؟
حديثِ پاڪ ۾ آهي: مديني پاڪ جا يهودي 10 محرم جو روزو رکندا هئا، پڇڻ تي انهن ٻڌايو، هن ڏينهن بني اسرائيل کي فِرعَون کان نجات ملي هئي ته حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ان شڪراڻي ۾ روزو رکيو هو، ان ڪري اسان 10 محرم تي روزو رکون ٿا۔([2])
سُبحٰنَ الله! اهو آهي جشنِ آزادي ملهائڻ جو اَصل طريقيڪار۔ الله پاڪ