Share this link via
Personality Websites!
ڪٿي عام انسان!![1]
آپ جیسا کوئی ہو سکتا نہیں اپنی ہر خوبی میں تنہا آپ ہیں([2])
پياريون اسلامي ڀينرون! اولادِ مصطفيٰ جو ڪيڏو شان نرالو آهي، هي اهي بلند مرتبي واريون هستيون آهن جن جي نسب جهڙو نسب دنيا ۾ ڪٿي به نه آهي. صحابي رسول حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته: شان واري رسول، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ مخلوق کي 2 قسمن ۾ ورهايو، پوءِ مون کي ان مان افضل قسم ۾ رکيائين، پوءِ انهن 2 قسمن کي 3 قسمن ۾ ورهايائين، پوءِ مون کي انهن 3 مان سڀ کان افضل ۽ بهترين قسم ۾ رکيائين، پوءِ ان 3 قسمن جا قبيلا بڻايائين ته مونکي سڀ کا افضل ۽ اعلى قبيلي ۾ رکيائين، ان کان پوءِ قبيلن کي خاندانن ۾ ورهايائين، پوءِ مون کي افضل ۽ بهترين خاندان ۾ رکيائين،
جيئن الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِنَّمَا یُرِیۡدُ اللّٰہُ لِیُذۡہِبَ عَنۡکُمُ الرِّجۡسَ اَہۡلَ الۡبَیۡتِ وَ یُطَہِّرَکُمۡ تَطۡہِیۡرًا (ۚ۳۳) (پ22،الاحزاب:33)
ترجمو ڪنزُ العرفان: اي نبيءَ جا گهروارؤ! الله ته اهو ئي چاهي ٿو ته توهان کان هر ناپاڪي دور ڪري ۽ توهان کي پاڪ ڪري خوب صاف سٿرو ڪري
(شرف المؤبد، مترجم، ص:۹۶)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami