Share this link via
Personality Websites!
پر الله پاڪ انهن کي گناهن کان بچائيندو آهي، جڏهن ته معصوم جو مطلب آهي: اهي ماڻهو جن کان گناھ ٿيڻ شرعًا ممڪن ئي نه هجي.
وري اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سادات سڳورن مان وڏي مرتبي وارا اهي بزرگ جيڪي ولي الله آهن، جهڙوڪ بيبي فاطمة الزهرا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهَا ، امام حسن ۽ امام حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا، ائين ئي غوث پاڪ شيخ عبدالقادر جيلاني، حضرت داتا گنج بخش علي هجويري، رَحِمَهُمَا الـلّٰـهُ وغيره هي ته گناھن کان محفوظ آهن، ٻيا جيڪي سيدَ سڳورا آهن انهن کان گناھَ ٿي ته ويندا آهن پر اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِیْم! پياري آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي سندن گناهن جي پڪڙ نه ٿيندي، جيئن ته ان سلسلي ۾ صحابه ۽ اهلبيت جي عاشق اعلى حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا 2 فرمان مبارڪ ٻڌو!
(1): هر صحيح النسب سيد(يعني اهو سيد جيڪو حقيقت ۾ علم الهي ۾ حسنين ڪريمين جي اولاد مان آهي، اهو) نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسم جو ٽڪرو (حصو) آهي، ۽ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسم جو ڪو به ٽڪرو (حصو) جهنم جو حقدار نه آهي.[1]
(2): هڪ ٻي جاءِ تي فرمائن ٿا: ها! ايمان سلامت واري شخص (يعني جنهن سيد زادي جو ايمان سلامت هجي ان) جا عملَ ڪهڙا به هجن الله جي ڪرم مان پڪي اميد آهي ته، جيڪي ان جي علم ۾ سيد آهن انهن جي ڪنهن به گناھ جي بلڪل به پڪڙ نه فرمائيندو.[2]
باغ جنّت کے ہیں بہرِ مدح خوانِ اہلِ بیت تم کو مژدہ نار کا اے دشمنانِ اہلِ بیت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami