Share this link via
Personality Websites!
جون پاڪ گھرواريون ۽ سندن اولاد پاڪ گناهن کان پاڪ آهي.[1]
صدرالافاضل مفتي محمد نعيم الدين مرادآبادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هيءَ آيت ڪريمه اهل بيت سڳورن جي فضائل جو سرچشمو آهي. هن مان اهل بيت پاڪ جي اعليٰ خاصيتن ۽ وڏي شان ۽ عظمت جو اظهار ٿئي ٿو ۽ هن مان معلوم ٿئي ٿو ته الله پاڪ اهل بيت سڳورن کي تمام برن اخلاقن کان پاڪ رکيو آهي، بلڪه هر اها شيءِ جيڪا انهن جي اعليٰ مقام ۽ مرتبي جي لائق نه هجي، الله پاڪ انهن کي سندن کان محفوظ رکندو ۽ بچائيندو آهي.[2]
ان کی پاکی کا خدائے پاک کرتا ہے بیاں آیۂ تطہیر سے ظاہِر ہے شانِ اہل بیت
حضرت امام فخرالدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: اهل بيت سڳورا ڪير آهن ان بابت مختلف قولَ آهن. اهو چوڻ بهتر آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڄي اولاد، سندن پاڪ گھر واريون اهل بيت آهن. حضرت امام حسن ۽ حسين رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا ۽ حضرت مولا علي رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ به انهن ۾ ئي شامل آهن.[3]
پياريون اسلامي ڀينرون! هتي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اهل بيت گناهن کان محفوظ آهن معصوم نه آهن ڇو ته معصوم صرف نبيءَ سڳورا ۽ ملائڪ ئي هوندا آهن. محفوظ جو مطلب هي آهي ته انهن کان گناھ ٿيڻ ممڪن ته آهي،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami