Share this link via
Personality Websites!
ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿي۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
پياريون اسلامي ڀينرون! مرد کي سوني منڊي (Gold) پائڻ حرام آهي، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سوني منڊي پائڻ کان منع فرمايو، * سون ۽ چانديءَ جا زيور نابالغ (يعني تمام ننڍي) ڇوڪري کي پائڻ حرام آهي ۽ ان کي پارائڻ وارو گنهگار ٿيندو، اهڙيءَ طرح ٻارن (يعني ڇوڪرن) جي هٿن ۽ پيرن تي بغير ضرورت جي مهندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پاڻ پنهنجن هٿن پيرن تي مهندي لڳائي سگھي ٿي ، پر ڇوڪري کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي، * لوھ جي منڊي جهنمين جو زيور آهي، * چانديءَ جو ڇلو خاص عورتن جو لباس آهي مردن لاءِ مڪروھ (تحريمي، ناجائز ۽ گناهه آهي) * عورت سون ۽ چانديءَ جون جيتريون چاهي منڊيون ۽ ڇلا پائي سگهي ٿي، ان ۾ وزن ۽ ٻڙي جي تعداد جي ڪا پابندي نه آهي * لوهه جي منڊي تي چانديءَ جو خول چڙهايو جو لوھ بلڪل نظر نه اچي، اهڙي منڊي پائڻ (مرد ۽ عورت ڪنهن کي) به منع ناهي،[2]
مختلف سنتون سکڻ لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب بهار شريعت جلد نمبر 3، حصو: 16، ۽ شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُھُمُ الْعَالِیه، 91 صفحن تي مشتمل 550 سنتون ۽ آداب خريد ڪري پڙهو،
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami