Share this link via
Personality Websites!
نظر اچي ته به ان جي خلاف دل ۾ مير نه رکجي، بلڪه انهن کي ادب سان نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ گھرجي. علامه ابن حجر رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکي ٿو ته: هڪ امام صاحب سيد زادن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو، ڪنهن کانئس پڇيو ته: توهان سيد زادن جي ايتري عزت ڇو ٿا ڪريو؟ امام صاحب فرمايو: هڪ سيد صاحب هو جيڪو فضول ڪمن ۾ مصروف رهندو هو، جڏهن وفات ڪيائين ته منهنجي استاد صاحب ان جي جنازي نماز ادا نه ڪئي، بعد ۾ منهنجي استاد کي خواب ۾ محبوب آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت نصيب ٿي. پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ سندن شهزادي حضرت خاتون جنت رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهَا به هئي، حضرت فاطمہ. رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهَا منهنجي استاد محترم کان مُنهن موڙي ڇڏيو، استادِ محترم عاجزيءَ سان عرض ڪيو ته فرمايائون: ڇا اسان جي اولاد جي عزت ڪرڻ لاءِ اسان جي عزت ۽ عظمت ڪافي ناهي...!![1]
يعني جيڪڏهن اوهان کي اسان جي اولاد ۾ ڪا به نيڪي نظر نه آئي ته اسين تہ عزت ۽ احترام وارا آهيون، اسان جي عزت سامھون رکندي اسان جي اولاد جي عزت ڪريو!
الله پاڪ اسان کي سيدزادن جو ادب و احترام ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
الله پاڪ اسان کي صحابه ڪرام ۽ اهل بيت پاڪ رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جو باادب، سچو عاشق بڻائي.
۽ انھن جي دشمنيءَ ۽ گستاخيءَ کان هميشه محفوظ فرمائي،
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami