Share this link via
Personality Websites!
هوندو ۽ اسان جون گھر واريون انهن جي پٺيان هونديون، حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! اسان جو گروھ (يعني اسان سان محبت ڪرڻ وارا) ڪٿي هوندا؟ پاڻ فرمايائون: تنهنجو گروھ تنهنجي پٺيان جنت ۾ ويندو.
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! پياريون اسلامي ڀينرون! ڇا شان آهي...! ٿورو تصور ته ڪريو! اهو ڪيڏو نه خوبصورت منظر هوندو، اسان جا پيارا آقا مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ، حضرت مولى علي رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ۽ حسنين ڪريم رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا گڏجي جنت ۾ داخل ٿيندا، سادات سڳورا به انهن جي پٺيان هوندا ۽ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْکَرِیْم! اسان، اصحابن ۽ اهل بيت جا عاشق، انهن جي پٺيان پٺيان جنت ۾ پهچي وينداسين.[1]
باغِ جنّت میں محمد مسکراتے جائیں گے
پُھول رحمت کے جھڑیں گے، ہم اُٹھاتے جائیں گے
پياريون اسلامي ڀينرون! اهل بيت جو سچو عاشق ڪير هوندو آهي؟ هي به ٻڌو! روايت آهي ته: هڪ ڏينهن حضرت امير معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ خطبو ڏئي رهيا هئا ته ايتري ۾ امامِ عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ تشريف کڻي آيا، حضرت امير معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جلدي خطبو مڪمل ڪري منبر تان هيٺ لهي آيا، پوءِ امام حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ منبر تي ويٺا ۽ پاڻ الله پاڪ جي حمد و ثناء بيان ڪيائون پوءِ فرمايائون: منهنجي نانا مون کي ٻڌايو ته الله پاڪ فرمائي ٿو: عرش عظيم جي پائي هيٺان سائي رنگ جي هڪ تختي آهي، ان تي لکيل آهي: اي آلِ محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا گروھ! توهان مان جيڪو به قيامت جي ڏينهن لَا اِلٰہَ اِلَّا للہ جي گواهي ڏئي ايندو،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami