Share this link via
Personality Websites!
اهل بيت جي محبت عشقِ رسول جو نتيجو آهي
حضرت عبدالله بن عباس رَضِیَ اللهُ عَنْهُمَا کان روايت آهي ته مديني جي سلطان، سرورِ ذيشان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو: اَحِبُّوااللّٰہَ لِمَایَغْذُوْکُمْ مِنْ نِعَمِہِ الله پاڪ سان پيار ڪيو ڇوته هو توهان کي نعمتون عطا فرمائي ٿو. واَحِبُّوْنِیْ بِحُبِّ اللّٰہِ ۽ الله جي محبت سبب مون سان محبت ڪيو(ڇوته مان الله جو حبيب آهيان) وَاَحِبُّوْااَہْلَ بَیْتِیْ بِحُبِّیْ ۽ مونسان محبت جي ڪري منهنجي اهل بيت سان محبت ڪيو.[1]
حُبِّ سادات اے خدا! دے واسِطہ اہلِ بیتِ پاک کا فریاد ہے
هڪ روايت ۾ آهي: جيڪو الله پاڪ سان محبت رکي ٿو اهو قرآن سان محبت رکي ٿو ۽ جيڪو قرآن سان محبت رکي ٿو اهو مون سان محبت رکي ٿو ۽ جيڪو مون سان محبت رکي ٿو اهو منهنجن اصحابن ۽ اهل بيتن سان محبت رکي ٿو.[2]
پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو؛ اصحابن سڳورن ۽ اهل بيت سڳورن سان محبت رکڻ عشقِ رسول جو نتيجو آهي، مومن ٻانهي جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته هو الله پاڪ سان محبت ڪندو آهي. الله پاڪ سان محبت ڪرڻ واري جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته هو قرآن پاڪ سان محبت ڪري ٿو ۽ قرآن سان محبت ڪرڻ واري جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته ان جي دل ۾ محبوبِ خدا، احمدِ مجتبى صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان محبت هوندي آهي. ۽ جنهن جي دل ۾ محبت رسول موجود هجي، ان جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته ان کي اصحابن سڳورن رَضِیَ اللهُ عَنْهُم سان به محبت هوندي آهي، ۽ اهو اهل بيت پاڪ رَضِیَ اللهُ عَنْهُم سان به
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami