Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
لَا اِلٰہَ اِلَّا للہ جي گواهي ڏئي ايندو، ته الله پاڪ ان کي بهشت ۾ داخل ڪندو.
اهو ٻڌي حضرت امير معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ پڇيو: اي ابو عبدالله (يعني امام حسين رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ)! آل محمد جو گروهه ڪير آهي؟ پاڻ فرمايائون: جيڪو شيخين يعني ابوبڪر ۽ عمر، عثمان غني رَضِیَ اللهُ عَنْهُم، منهنجي والد محترم مولا علي رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ۽ اي معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ توکي برو نه ٿو چوندو هجي اُهو آل محمد جو گروھ آهي.[1]
سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! معلوم ٿيو؛ جيڪو شخص اصحابن سڳورن رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جو ادب ڪري ٿو، چئن يارن جو به ادب ڪري ٿو ۽ خالُ المؤمنين (يعني سڀني مسلمان جي پياري مامي) حضرت امير معاويه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جي خلاف به زبان نٿو کولي اهو سچو عاشقِ اهل بيت آهي.
ہر صحابئ نبی! جنّتی جنّتی سب صحابیات بھی! جنّتی جنّتی
چار یارانِ نبی! جنّتی جنّتی حضرتِ صدّیق بھی! جنّتی جنّتی
اور عُمرِ فاروق بھی! جنّتی جنّتی عُثمانِ غنی! جنّتی جنّتی
فاطمہ اور علی! جنّتی جنّتی ہیں حسن و حسین بھی! جنّتی جنّتی
والِدَین نبی! جنّتی جنّتی ہر زوجۂ نبی! جنّتی جنّتی
اور ابو سُفیان بھی! جنّتی جنّتی ہیں معاویہ بھی! جنّتی جنّتی([2])
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد