Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
رسي آهي، جنهن کي ڪڏهن ٽٽڻو ئي ناهي، هي نسب دنيا ۾ به قائم آهي، قبر ۾ به قائم هوندو، حشر ۾، ميزان تي، پل صراط تي هر جڳھ تي ڪم ايندو. اهڙيءَ طرح روايت آهي ته: هڪ ڏينهن نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُڦي حضرت صفيه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهَا کي ڪنهن چيو ته ”خدا جي حضور ۾ رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قرابت (مائٽي) توهان کي فائدو نه ڏيندي.“ نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هن ڳالھ جي خبر پئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن تي جلال واري ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ حضرت بلال رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کي فرمايائون: اي بلال! ماڻهن کي گڏ ڪيو...!! پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن منبر تي تشريف فرما ٿيا، الله جي حمد ۽ ثناء بيان فرمائي ۽ فرمايائون: ”ڇا حال آهي انهن جو جيڪي هي گمان ڪن ٿا ته منهنجو رشتو فائدو نه ڏيندو؟ قيامت جي ڏينهن هر سبب ۽ نسب(نسب ۽ ساهرن وارو رشتو) ٽٽي ويندو، سواءِ منهنجو سبب ۽ نسب، جيڪو دنيا ۽ آخرت ۾ جڙيل آهي. [1]
علامه سيد ابن عابدين شامي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا ته: تقريبًا انهن ئي لفظن جي حديث ڪيترين ئي سندن کان مروري آهي ۽ ان کان علاوه به ڪيتريون ئي حديثون آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڪ نسب، سندن اولاد کي ضرور فائدو ڏيندو، اهي هن دنيا مان سٺي حالت ۾ رخصت ٿيندا ۽ آخرت ۾ نجات حاصل ڪندا. بيشڪ سندن اولاد پاڪ دنيا ۽ آخرت ۾ سعادت وارو آهي.[2]
آپ کی نسبت اے نانائے حسین! ہے بڑی دولت اے نانائے حسین! ([3])