Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
زيارت ٿي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: عَمۡرو بن ليث کي چئي ڇڏيو ته ان جي دل ۾ جيڪو خيال آيو آهي، اسان کي ان جي خبر آهي ۽ اسان ان جي ارادي کي قبولي ورتو آهي، الله ڪريم ان کي هن ارادي ۽ خيال تي اجرِ عظيم عطا فرمائي. جڏهن خواب ڏسڻ واري حضرت عمروبن ليث رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي اها خوشخبري ٻڌائي ته اهو خوشيءَ مان جهومي پيو ۽ ان جي اکين مان ڳوڙها جاري ٿي ويا.[1]
ڪتابن ۾ لکيل آهي؛ حضرت عمرو بن ليث رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي انتقال کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو: الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ انهن فرمايو: الله ڪريم مون کي بخشي ڇڏيو، پڇيو: ڪهڙي سبب؟ فرمايائون: ربّ ڪريم انهيء چڱي نيت جي سبب منهنجي مغفرت فرمائي ڇڏي.[2]
سُبْحٰنَ اللہ!سُبْحٰنَ اللہ! امام عالي مقام، امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان محبت جي اظهار جو ڪهڙو انعام مليو...!! الله پاڪ اسان سڀني کي امام عالي مقام، امام حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي سچي، پڪي، ايماني محبت نصيب فرمائي. الله پاڪ اسان جي نسلن (Generations)کي به صحابه و اهل بيت جو سچو پڪو عاشق بڻائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
میری جھولی میں نہ کیوں ہوں دو جہاں کی نعمتیں میں ہوں منگتا میں گدا اصحاب و اہلِ بیت کا
کیوں ہو مایوس اے فقیرو!آؤ آ کر لوٹ لو ہے خزانہ بٹ رہا اصحاب و اہلِ بیت کا
فضل رب سے دو جہاں میں کامیابی پائے گا دل سے جو شَیدا ہوا اصحاب و اہلِ بیت کا([3])