Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
لڳائن ٿا، ان کان علاوه ٻين جي لاءِ سنّت ناهي البت پائڻ جائز آهي.[1] اڄڪلهه منڊي سان ٺپو لڳائڻ جو عرف (يعني رواج) ناهي، بلڪ ان لاءِ ”اسٽام“ بڻايو ويندو آهي، لِهٰذا جن کي ٺپو نه لڳائڻو هجي ان قاضي وغيره جي لاءِ منڊي پائڻ سنّت نه رهي (11) مرد کي گھرجي ته منڊي جو نگينو تري واري پاسي رکي ۽ عورت نگينو هٿ جي پوئين پاسي رکي.[2] (12) چاندي جو ڇلو خاص زنانو سينگار آهي، مردن جي لاءِ مَڪرُوههِ (تحريمي ،ناجائز ۽ گناهه آهي)[3] (13) عورت سون چاندي جون جيتريون منڊيون ۽ ڇلا چاهي پائي سگھي ٿي هن ۾ وزن ۽ نگينن جو تعداد مقرر ناهي (14) لوهه جي منڊي تي چاندي جو ڪَور چڙهايو جو لوهه بلڪل ڏسڻ ۾ نه اچي ته ان منڊي جو پائڻ مرد توڙي عورت ٻنهي کي منع نه آهي.[4]
مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحن جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.
الفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو
گر مدینے کا غم چاہئے چشمِ نَم لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد