Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

گنهگار ٿيندي.[1] (3) لوهه جي منڊي جهنّمين جو زيور آهي.[2] (4) مرد جي لاءِ اها ئي منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي وانگر هجي يعني رڳو هڪ نگيني جي هجي ۽ جيڪڏهن ان ۾ (هڪ کان وڌيڪ يا) گھڻا نگينا هجن ته پوءِ کڻي چاندي جي هجي مَردن لاءِ ناجائز آهي۔[3] (5) بغير نگيني واري منڊي پائڻ ناجائز آهي جو هي منڊي ناهي، ڇلو آهي (6) حُروفِ مُقَطّعَات واري منڊي پائڻ جائز آهي پر حُروفِ مُقطّعات واري منڊي بغير وضو پائڻ ۽ هٿ لڳائڻ يا مصافحو ڪندي مهل هٿ ملائڻ واري جو منڊي کي بي وضو هٿ لڳائڻ جائز ناهي (7) اهڙي طرح مردن لاءِ هڪ کان وڌيڪ (جائز واري) منڊي پائڻ يا (هڪ يا هڪ کان وڌيڪ) ڇلو پائڻ به ناجائز آهي جو هي (ڇلو) منڊي ناهي، عورتون ڇلو پائي سگھن ٿيون.[4] (8) چاندي جي هڪ منڊي هڪ نگ واري جيڪا وزن ۾ ساڍا چار ماشه (يعني چار گرام 374 ملي گرام) کان گھٽ هجي پائڻ جائز آهي جيتوڻيڪ مُهَر (يعني ٺپي) جي لاءِ نه هجي پر ان جو ترڪ (يعني جنهن کي اسٽامپ جي ضرورت نه هجي ان جي لاءِ جائز منڊي به نه پائڻ) افضل آهي مُهَر جي غرض کان نه صرف جائز بلڪ سنت آهي، ها تڪبُّر يا زنانو سينگار (ليڊيز اسٽائل جو فيشن) يا ٻي ڪنهن غرضِ مَذمُوم (يعني قابل مَذمت مقصد) نيّت ۾ هجي ته رڳو منڊي ئي نه بلڪ انهيءَ نيّت سان سٺا ڪپـڙا پائڻ به جائز ناهن.[5] (9) عيدن تي مرد لاءِ چاندي واري جائز منڊي پائڻ مُستَحب آهي.[6] پر مرد اها ئي جائز منڊي پائي (10) منڊي انهن ئي لاءِ سنّت آهي جن کي مُهَر (يعني اسٽامپStamp  لڳائڻ) جي حاجت هجي جيئن سلطان، قاضي ۽ عالم جيڪي فَتوَن تي اسٽامپ


 

 



[1] بہارِ شریعت ۳/۴۲۸، دُرِّمُختار و رَدُّ ا لْمُحتار ۹/۵۹۸

[2] ترمذی ۳/۳۰۵ حدیث ۱۷۹۲

[3] رَدُّ الْمُحتار  ۹/ ۵۹۷ 

[4] بہارِ شریعت ۳ / ۴۲۸ 

[5] فتاوٰی رضویہ ۲۲/۱۴۱

[6] بہارِ شریعت ۱/ ۷۷۹ ،۷۸۰