Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
فرمائن ٿا: اي مال دارو! جيڪڏهن دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي چاهيو ٿا ته پنهنجي مال جي ذريعي غريبن سان همدردي ڪيو![1] پوءِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ حديث شريف بيان فرمائي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهو الله پاڪ جي عيال(يعني الله پاڪ جا ٻانها آهن ۽ ان جا محتاج) آهن، الله پاڪ جو وڌيڪ پيارو اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي عيال کي گهڻو فائدو پڄائڻ وارو آهي.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي پياري آقا جي ڏکياري اُمّت سان ڏک تڪليف ۾ ساٿ ڏيڻ واري تحريڪ آهي. دعوت اسلامي جو شعبو FGRFخاص انهيءَ مقصد جي لاءِ ڪم ڪري ٿو، غريبن، بي سهارن، يتيمن، مسڪينن جي غمخواري ڪرڻ، انهن جي ڪم اچڻ، انهن جي مدد ڪرڻ، مشڪل وقت(Tough Time) ۾ اُمّت جو سهارو بڻجڻ، آفتن(Calamities)، مصيبتن ۾ ورتلن جي ڪم اچڻ هن شعبي (Department) جو خاص ڪم آهي. اوهان به FGRFجو ساٿ ڏيو! نيڪ ڪمن ۾ حصّو شامل ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! دنيا ۽ آخرت جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون.
ہو مرا کام غریبوں کی حمایت کرنا درد مندوں سے ضعیفوں سے محبّت کرنا
مرے اللہ! بُرائی سے بچانا مجھ کو نیک جو راہ ہو، اس رہ پہ چلانا مجھ کو
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد