Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat
ڪري جنگ کي سڀاڻِي تائين ملتوي ڪرائي ڇڏيو! ته جيئن اڄ رات اسان الله پاڪ جي عبادت ڪري سگهون، الله پاڪ خوب ڄاڻي ٿو ته مون کي (1) نماز پڙهڻ (2) قرآن ڪريم جي تلاوت ڪرڻ (3) ڪثرت سان دعائون گهرڻ ۽ (4) ڪثرت سان استغفار ڪرڻ گهڻو پسند آهي.[1]
پيارا اسلامي ڀائرو! محبت اطاعت ڪرائيندي آهي امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کان اسان جي محبت ڪهڙي آهي؟ ٿورو غور ڪيو؟ 10 محرم الحرام جي رات امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ظاهري زندگي مبارڪ جي آخري رات هئي پر الله پاڪ جي عبادت جو ذوق ۽ شوق ڏسو؟ ڪاش! ڪاش! ڪاش! اسان غلامانِ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه به پنهنجي محبوب جي نقشِ قدم تي هلندي عبادتون ۽ رياضتون ڪندي پنهنجي زندگي جا ڏينهن رات گذاريون. ياد رکو! حديث پاڪ ۾ آهي: ٻانهو انهيءَ سان گڏ هوندو جنهن سان اهو محبت ڪندو هوندو[2]. جيڪڏهن اسان زبان سان امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان محبت جي دعوا ڪندا رهون پر امام عالي مقام امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي مبارڪ سيرت کي نه اپنايون ته اسان جي محبت ناقص(Imperfect/Defective) آهي ڇوته عاشق پنهنجي محبوب جي پٺيان پٺيان هلندو آهي. حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي مبارڪ چهري تي پنهنجي نانا جان رحمتِ عالميان جي پياري پياري سُنّت ڏاڙهي شريف سجائي هئي، سندن والد محترم موليٰ علي مشڪل ڪشاء رَضِىَ اللهُ عَنْه جي به گهاٽي ڏاڙهي شريف هئي. اسان غور ڪيون ته اسان جي چهري تي هي سنت رسول آهي؟ امام عالي مقام حضرت امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي مبارڪ زندگي جي آخري نمازِ فجر پنهنجي خيمي ۾ باجماعت ادا فرمائي جڏهن ته دشمن چئني طرفن کان تلوارون چمڪائي رهيا هئا، اهل بيت