Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

درستي ٿي ويندي ۽ 72 مان قيامت واري ڏينهن ان جا درجا بلند ٿيندا۔[1]

          اي عاشقانِ رسول! مظلوم جي مدد ڪرڻ سنّتِ مصطفيٰ آهي * اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مظلومن جي مدد ڪندا هئا ۽ ظالمن کان مظلومن کي حق ڏياريندا هئا * جيڪو به فرياد کڻي ايندو هو ان جي فرياد رسي ڪندا هئا، هڪ ڀيرو هڪ يتيم حاضِر ٿي شڪايت ڪئي ته ابوجهل منهنجي مال تي قبضو ڪري ورتو آهي، توڙي جو ابوجهل سخت دشمنِ مصطفيٰ هو پر مظلومن جي آقا، بيڪسن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ابوجهل کان ان يتيم جو مال وٺي يتيم جي حوالي ڪيو۔[2] * هڪ ڀيري هڪ اُٺ روئي بارگاھ رسالت ۾ فرياد ڪيو ته رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُٺ جي مالڪ کي گھرائي ان کي پورو چارو کارائڻ ۽ وزن گھٽ رکڻ جي تلقين فرمائي۔[3]

مجھ سے بےکس کی دولت پہ لاکھوں درود                     مجھ سے بےبَس کی قُوَّت پہ لاکھوں سلام

 وضاحت: يعني مان غريب آهيان، منهنجي دولت ٻنهي جھانن جا تاجدار، محبوبِ پروردگار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، مان بيوس آهيان ۽ مون کي سهارو ڏيڻ وارا منهنجا آقا ۽ موليٰ مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن۔

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] شُعبُ الاِیمان، باب: التعاون علی البر، جلد:6، صفحہ:120، حدیث:7670

[2] سیرۃ الحلبیہ، باب: عرض قریش، جلد:1، صفحہ: 445

[3] ابو داؤد، کتاب:الجہاد، صفحہ:408، حدیث:2549