Jannat Ke Kharidar

Book Name:Jannat Ke Kharidar

مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وري فرمايو:  اِفْتَحْ لَہٗ وَ بَشِّرْہُ بِالْجَنَّۃِ  دروازو کوليو، ان کي(يعني اچڻ واري کي) جنت جي خوشخبري ڏيو. ابو موسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: مون دروازو کوليو ته هي حضرت عمرفاروق اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هيا، مون کيس جنت جي خوشخبري ٻڌائي، انهن الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو(۽ بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ويا) ڪجھ دير کان بعد ٽيون ڀيرو دروازو وڳو، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِفْتَحْ لَہٗ وَ بَشِّرْہُ بِالْجَنَّۃِ عَلیٰ بَلْویٰ تُصِیْبُہٗ  دروازو کوليو، ان کي(يعني اچڻ واري کي) ٻڌائي ڇڏيو ته هڪ مصيبت جيڪا انهن کي پهچندي ان کان بعد هي جنتي آهن.

حضرت ابو موسيٰ اشعري رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون دروازو کوليو ته هي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه  هيا، مون کيس جنت جي خوشخبري ٻڌائي، انهن کي اهو به ٻڌايو ته عنقريب انهن کي هڪ امتحان مان گذرڻو پوندو، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه  جنت جي خوشخبري ملڻ تي الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو ۽ چيو؛ اللہ الْمُسْتَعَانُ الله پاڪ مددگار آهي(يعني  مون کي جيڪا مصيبت پهچندي، الله پاڪ جي مدد سان مان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!  ان ۾ ڪامياب ٿي ويندس).

پيارا اسلامي ڀائرو!  هي حديث پاڪ جيڪا هاڻي اسان ٻڌي، هي بخاري شريف ۾ 6 ڀيرا ذڪر ٿي آهي، ايئن ئي حديث پاڪ جي ٻين ڪيئي ڪتابن ۾ به هي حديث شريف موجود آهي، هن حديث پاڪ مان ٻه ڳالهيون سکڻ جي لاءِ مليون: (1) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مسلمانن جا پهريان، ٻيان ۽ ٽيا خليفه حضرت ابوبڪر، عمرفاروق ۽ عثمان غني  رَضِىَ اللهُ عَنْهُ مَ جنتي آهن.  

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديث ۾ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي 3 پيارن يارن جو ذڪر ٿيو، اچو! پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چوٿين يار يعني مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو ذڪر خير ٻڌي وٺون ٿا: جيئن ته حضرت سعيد بن زيد رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: مون رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: عَلِیٌّ فِیْ الْجَنَّۃ يعني حضرت علي جنتي آهي.[1]  

ہر صحابئ نبی!                 جنّتی! جنّتی!                     چار یارانِ نبی!               جنّتی! جنّتی!


 

 



[1] مصنف ابن ابی شیبہ، کتاب الفضائل، فضائل علی بن ابی طالب رَضِیَ اللہُ عنہ، جلد:7، صفحہ: 505،