Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: ڪا شيء پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تِلاوت کان نه روڪيندي هئي * پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن پُوري سورت بقره ۽ سُورَت آلِ عمران جي تلاوت ڪندا هئا * روزانو رات جو سُورت سجده، سُورت ملڪ، سورت بني اسرائيل، سورت زمر، سُورَت ڪافرون، سُورت فلق ۽ سُورت ناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا۔

الله پاڪ اسان کي به خوب تِلاوتِ قرآن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

الٰہی خوب دے شوق قرآں کی تلاوت کا

شَرَف دے گنبدِ خضرا کے سائے میں شہادت کا

 مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3، حصو: 16 ۽ شيخِ طريقت، اميراهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو 100 صفحن جو رسالو ”550 سنتون ۽ آداب“ خريد ڪيو ۽ پڙھو، سنتون سکڻ جو هڪ ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر پڻ آهي۔

غم کے بادَل چَھٹیں قافلے میں چلو                       خوب خوشیاں ملیں قافلے میں چلو

رب کے در جُھکیں، اِلتِجائیں کریں                       بابِ  رحْمت  کھلیں،  قافلے  میں  چلو([1])

  الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1]...وسائلِ بخشش ،صفحہ:671 ملتقطًا۔