Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat

۽ توهان جون عزّتون ايئن ئي هڪٻئي تي حرام آهن[1]

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو!  پياري نبي، مڪي مدني، محمد عربي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي هن مبارڪ خطبي مان اندازو لڳايو ته هڪ مسلمان جي جان، ان جي مال ۽ عزت ۽ آبرو جي ڪيتري اهميت آهي. عالم سڳورا فرمائن ٿا: رسول رحمت، شفيع اُمّت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن مقام تي مسلمانن جي جان ۽ مال، عزت ۽ آبرو کي مڪي شريف جهڙي حرمت فرمايو آهي، مطلب هي آهي ته جهڙي طرح مڪي شريف ۾، حج جي تاريخن ۾، احرام جي حالت ۾ هڪ گناھ ڪيئي جرمن جو مجموعو آهي جو هن ۾ الله پاڪ جي نافرماني آهي، مڪي شريف جي، حج جي ڏينهن جي، احرام جي ۽ حرمت واري مهيني جي بي ادبي به آهي، انهيءَ طرح هڪ مسلمان جي عزت پامال ڪرڻ، ڪنهن کي ناحق تڪليف پڄائڻ، ڪنهن جو مال ناحق دٻائڻ ڪيئي جرمن جو مجوعو آهي، ان ۾ هڪ ته مسلمان جي حق تلفي آهي، ان جي دل آزاري به آهي، پوءِ ان ۾ الله پاڪ جي نافرماني به آهي ۽ ان سان گڏوگڏ پياري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي دل آزاري به آهي جو پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي اُمّت تمام گهڻي پياري آهي، لهٰذا، جيڪو سندن ڪنهن امتي کي تڪليف پڄائي، ڀلا اهو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پيارو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.[2]  پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن ته ارشاد فرمايو آهي: مَنْ اٰذٰی مُسْلِمًا فَقَدْ اٰذٰنِی ْ  يعني جنهن مسلمان کي تڪليف پڄائي، ان مون کي تڪليف پڄائي.[3]

خدایا! کسی کا نہ دل میں دکھاؤں        اَماں تیرے اَبَدی عذابوں سے پاؤں

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد


 

 



[1] بخاری، کتاب المغازی، باب حجۃ الوداع، صفحہ:1092، حدیث:4406ملتقطًا

[2] مرآۃُ المناجیح ،جلد:4 ،صفحہ:180 بتغیر قلیل۔

[3] معجمِ اوسط،جلد:2 ،صفحہ:386 ،حدیث:3607۔