Book Name:Hajj e Wida Ke Iman Afroz Waqiaat
ڪرامرَضِىَ اللهُ عَـنْهُم کي مخاطب ڪندي فرمايو: اَیُّ شَہْرٍ ہٰذَا؟ هي ڪهڙو مهينو آهي؟ (بلڪل واضح ڳالھ هئي، حج جو موقعو آهي ۽ حج ذوالحجة الحرام ۾ ئي ادا ڪيو ويندو آهي پر صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو ادب ڏسو!) صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان کي گمان ٿيو ته شايد حضور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن مهيني جو نالو تبديل فرمائڻ وارا آهن، لهٰذا عرض ڪيائون: اللہ وَرَسُوْلُہٗ اَعْلَم الله ۽ ان جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻين ٿا. پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلَیْسَ ذُوالْحِجَّۃِ؟ ڇا هي ذوالحج جو مهينو ناهي؟ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم عرض ڪيو: ڇو نه (يعني جي ها! ذوالحج جو ئي مهينو آهي) مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ٻيو سوال ڪيو: اَیُّ بَلَدٍ ہٰذَا؟ هي ڪهڙو شهر آهي؟ (هيءَ به بلڪل واضح ڳالھ هئي، حج مڪي ۾ ئي ادا ڪيو ويندو آهي پر صحابهءِ ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان هن ڀيري به ادب ڪندي) عرض ڪيو: اللہ وَرَسُوْلُہٗ اَعْلَمُ الله ۽ ان جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻن ٿا. پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَلَیْسَ الْبَلَدَۃَ؟ ڇا هي بَلَدَه (يعني مڪهءِ مڪرّمه) ناهي؟ سڀني عرض ڪيو: ڇو نه (بلڪل هي مڪهءِ مڪرمه ئي آهي). پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ٽيون سوال ڪيو: اَیُّ یَوْمٍ ہٰذَا؟ هي ڪهڙو ڏينهن آهي؟ صحابهءِ ڪرامرَضِىَ اللهُ عَـنْهُم جن هن ڀيري به ادب طور عرض ڪيو: اللہ وَرَسُوْلُہٗ اَعْلَمُ الله ۽ ان جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻين ٿا. رسول خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلَیْسَ یَوْمَ النَّحْرِ؟ ڇا هي يومُ النَحۡر ناهي؟ سڀني عرض ڪيو: ڇونه، (هي يومُ النَحر يعني قرباني جو ئي ڏينهن آهي).
هاڻي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ جيئن هن ڏينهن جي، هن شهر ۽ هن مهيني ۾ حرمت آهي، توهان جي رت، توهان جا مالَ