$header_html

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

وبا (بيماري) ڪيئن دور ٿي...؟

   علّامه احمد بن علي فاسي رَحْمَةُ الله عَلَيْه لکن ٿا: 433 سن هجري جي ڳالھ آهي، ڪعبي شريف جي هڪ ڪنڊ رُڪنِ يماني وٽان آڱر جي برابر پٿر جو ٽڪرو ٽُٽي پيو، ماڻهن جي ان ڏانهن توجھ نه وئي، لهٰذا ان جي مرمت به نه ٿي سگهي، پٿر جو ايترو ننڍڙو ٽڪرو ڪعبي شريف کان جُدا ٿيڻ جي نحوست اها ٿي جو مڪي پاڪ ۾ وبا پکڙجي وئي، هر روز ماڻهو مرڻ لڳا، جيڪو به ان وبا جو شڪار ٿيندو هيو 3 ڏينهن جي اندر اندر موت جو شڪار ٿي ويندو هيو، آخر ڪار خُراسان جي رهاڪو ڪنهن نيڪ ٻانهي کي خواب وسيلي رهنمائي ڪئي وئي، جيئن ته اهو ٽڪرو ڳولي ڪري واپس ڪعبي جي ڀِت سان لڳايو ويو ته وبا ختم ٿي وئي. (شفاء الغرام باخبار البلد الحرام ،الباب الثالث عشر،جلد:1 ،صفحہ:352خلاصۃً)

سُبْحٰنَ اللہ ! الله پاڪ اسان کي به ڪعبي شريف جي عزّت ڪرڻ، ادب  ۽  احترام سان ڪعبي شريف کي ڏسڻ، ان مان برڪت وٺڻ، غلافِ ڪعبه سان جهومي ڪري چنبڙڻ، بابِ ڪعبه کي بوسو ڏيڻ، ان سان چنبڙي خوب دعائون ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! ڪعبي شريف جي برڪت سان اسان کي جسماني بيمارين ۽ ان سان گڏوگڏ گناھن جي بيمارين کان به شفا نصيب ٿي وڃي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن      صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

تُو مکہ دِکھا دے، مدینہ دکھا دے                       مرے دِل میں مکہ مدینہ بسا دے

شرف دیدِ کعبہ کا دیدے اِلٰہی!                         مجھے سبز گنبد کا جلوہ دکھا دے

تُو جسمانی بیماریاں دُور فرما                             دے روحانی امراض سے بھی شفا دے


 

 



$footer_html