Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى الله عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن 3 ڀيرا فرمايو: منهنجي نائب تي الله پاڪ جي رحمت هجي. عرض ڪيو ويو: حضور! اوهان جا نائب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سنّت سان محبت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا.
)جامع بیانِ علم،باب علم کے فضائل ،جلد:1 ،صفحہ:201 ،حدیث:220(
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو شخص ماڻهن جي درميان صلح ڪرائيندو الله پاڪ ان جو معاملو دُرست فرمائي ڇڏيندو، ۽ ان کي هر ڪلمي چوڻ تي هڪ غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب عطا فرمائيندو ۽ جڏهن موٽندو ته پنهنجي پٺين گناھن کان مغفرت ماڻيل ٿي ڪري موٽندو. (الترغیب و الترھیب ،کتاب الادب ،باب فی اصلاح بین الناس ،صفحہ:893 ،حدیث:9)
پياريون اسلامي ڀينرون! مسلمانن جي پاڻ ۾ صلح ڪرائڻ سنّتِ مصطفٰي آهي، جيڪڏهن ڪڏهن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ الله عَنْهم جي درميان ڪا غلط فهمي ٿي ويندي يا ڪڏهن 2 صحابه جي وچ ۾ نااتفاقي ٿيندي هئي ته اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حڪمتِ عملي سان انهن ٻنهي صلح ڪرائي ڇڏيندا هئا، جيئن ته هڪ ڀيري غير مسلمن جي سازش سان صحابهءِ ڪرام رَضِىَ الله عَنْهم جي 2 وڏن قبيلن اَوس ۽ خزرج جي درميان نااتفاقي پيدا ٿي وئي، جڏهن پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ان جي خبر پئي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تشريف وٺي آيا ۽ انهن جي پاڻ ۾ صلح ڪرائي، اهڙيءَ طرح پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا صلح ڪرائڻ جا ڪيئي واقعا آهن، جن جو تفصيلي ذڪر سيرت جي ڪتابن مثال طور سيرتِ مصطفٰي ۽ سيرت رسولِ عربي وغيره ۾ پڙهي سگهجي ٿو.
پياريون اسلامي ڀينرون! صلح ڪرائڻ جي تعلق سان هي ياد رهي ته مسلمانن جي