Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿيون، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌنديس * اَدَب سان ويهنديس * بيان دروان سُستي کان بچنديس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌنديس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنديس۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
ادب جي برڪت سان ايمان نصيب ٿي ويو
پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دنيا ۾ تشريف وٺي اچڻ کان ڪيئي سال پهريان جي ڳالھ آهي: تُبَّع حِمۡيَري جيڪو پنهنجي دور جو وڏو بادشاھ هيو، هي اهو خوش نصيب آهي جو جڏهن انهن پنهنجي عالمن جي واتان پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ذڪرِ خير ٻُڌو ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان به آندائون ۽ حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نانءُ هڪ خط به لکيائون، جيڪو نسل دَر نسل حضرت ايُّوب انصاري رَضِىَ الله عَنْه وٽ پهتو ۽ انهن سرڪارِ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ پيش ڪيو. (تفسیر صراط الجنان، پارہ:25 ،سورۂ دخان،زیرِ آیت:37 ،جلد:9 ،صفحہ:196بتغیر قلیل) رسولِ خُدا، احمدِ مُجتبٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تُبَّع حِمۡيَري جي تعريف به فرمائي ۽ انهن کي بُرو چوڻ کان به منع فرمايو.
(معجمِ کبیر ،جلد:3 ،صفحہ:539 ،حدیث:5881)
جيئن ته! تُبَّع حِمۡيَري سڄي دنيا جو بادشاھ هيو، انهن جي الله جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان آڻڻ کان پهريان جي ڳالھ آهي، هڪ ڏينهن انهن کي خيال آيو ته زمين جي سير ڪرڻ گهرجي ۽ ڏسڻ گهرجي ته ماڻهو ڪهڙي حال ۾ آهن، بهرحال هُو شاهي شان ۽ شوڪت سان سفر تي روانو ٿيو، بادشاھ جو لشڪر جنهن شهر ۾ پهچندو هيو، ان شهر جا ماڻهو اڳتي وڌي ڪري استقبال ڪندا، بادشاھ جو ادب ۽ احترام ڪندا هئا، بادشاھ سلامت هر شهر مان عالمن کي ساڻ ڪندو ۽ اڳتي روانو ٿي ويندو هيو، ائين ڪندي