Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
حاضري هجي ته اتي گناھن کان بچڻ وڌيڪ ضروري آهي.
شرف مجھ کو ہر سال حج کا خُدا دے مدینہ بھی ہر بار مولیٰ دکھا دے
شرف دیدِ کعبہ کا دیدے اِلٰہی! مجھے سبز گنبد کا جلوہ دکھا دے
عِبَادت میں لگ جائے دِل یااِلٰہی! مرے دِل سے غفلت کا پردہ ہٹا دے
سِیَہ ہے مرا سارا اَعْمال نامہ اِلٰہی! سیاہی تو اس کی مٹا دے
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
(2): ڪعبي شريف جي برڪت سان شفا ملندي آهي
پياريون اسلامي ڀينرون! تُبَّع حِمۡيَري جي واقعي مان اسان کي هي به سکڻ جي لاءِ مليو ته ڪعبو شريف نهايت ئي بابرڪت مقام آهي، ان جي ادب ۽ احترام جي برڪت سان غضبِ الهي کان نجات ۽ بيمارين کان شفا نصيب ٿيندي آهي. عالم سڳورا فرمائن ٿا: ڪعبي شريف جي برڪتن مان هڪ برڪت هي به آهي ته پکي ان جي ادب خاطر ان جي مٿان ناهن اڏامندا، ڪو پکي ڪڏهن به ڪعبي شريف جي ڇت يا ان جي ڀِتِن تي ناهي ويهندو، ها! جڏهن ڪو پکي بيمار هجي ته ڪعبي شريف جي ڇت تي ويهندو يا ان جي مٿان گُذري ويندو آهي، ان جي برڪت سان ان کي شفا ملي ويندي آهي. (تفسیر خزائن العرفان، پارہ:4، سورۂ آلِ عمران، زیرِ آیت:97 ، صفحہ:126بتغیر قلیل)
شِفاءُ الغِرام ۾ آهي: مڪي وارن جو ڪيئي سالن تائين هي طريقو رهيو آهي ته ڪو ٻار پيدائشي گونگو هوندو هو ته ان کي ڪعبي شريف ۾ آڻيندا ۽ ڪعبي شريف جي دروازي جي چاٻي ان جي وات ۾ رکندا هئا جنهن جي برڪت سان اهو ٻارُ ڳالهائڻ لڳندو هيو.
(شفاء الغرام باخبار البلد الحرام، الباب الثالث عشر، جلد:1، صفحہ:353خلاصۃً)