$header_html

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ڪعبي شريف جي تعمير گهڻا ڀيرا  ٿي

   پياريون اسلامي ڀينرون! ڪعبي شريف جي تاريخ تمام پُراڻي آهي. روايتن جي مطابق ڪعبي شريف کي 10 ڀيرا تعمير ڪيو ويو. روايتن ۾ اچي ٿو ته ڪعبي شريف جي پهرين تعمير ملائڪن ڪئي، پوءِ حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام ان کي ٻيون ڀيرو تعمير فرمايو.

ڪعبي شريف جي تعمير  5  طرح  جي پٿرن سان ٿي

روايت آهي: الله پاڪ جا نبي حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام جڏهن جنّت مان هن دنيا ۾ تشريف وٺي آيا ته پاڻ کي هتي اڪيلائي ۽ وحشت محسوس ٿي، جيئن ته پاڻ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ فرياد ڪيو، بَس الله پاڪ پاڻ کي ڪعبو شريف تعمير ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 (تفسیرِ کبیر ،پارہ:4 ،سورۂ آلِ عمران،زیرِ آیت:96 ،جلد:3 ،صفحہ:296)

   روايتن ۾ آهي: جڏهن حضرت آدم عَلَيهِ السَّلَام ڪعبي شريف جي تعمير فرمائي، ان وقت ملائڪن 5 جبلن جا پٿر کڻي ڪري سندن خدمت ۾ پيش ڪيا، انهن مان ئي ڪعبي شريف کي تعمير ڪيو ويو. انهن جبلن جا نالا هي آهن: (1): ڪوھِ لبنان (2): ڪوھِ طور (3): ڪوھِ زيتا (4): ڪوھِ جودي (جنهن تي حضرت نُوح عَلَيهِ السَّلَام جي ٻيڙي رُڪي هئي (5): ۽ ڪوھِ حِرا جيڪو مڪي پاڪ ۾ آهي.

(سُبُلُ الْهُدیٰ ،جلد:1 ،صفحہ:147 خلاصۃً)

   عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: خانهءِ ڪعبه ڇو ته نمازن جي لاءِ قبلو آهي ۽ نماز 5 وقت فرض آهي، انهيءَ مناسبت سان ڪعبي شريف جي تعمير 5 جبلن سان ٿي.

(تحفۂ معراج النبی ،صفحہ:366)


 

 



$footer_html