Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
(1): ڪعبي شريف جي بي ادبي جي نحوست
پهرين ڳالھ هيءَ ته ڪعبي شريف جي بي ادبي ڪرڻ هلاڪت ۾ پوڻ جو سبب آهي. ڏسو! تُبَّع حِمۡيَري ڪعبي شريف کي اڃان نقصان پهچايو نه هو، بس اڃان ارادو ئي ڪيو هو ته ان تي الله پاڪ جو غضب نازل ٿيو. اهڙيءَ طرح اَبۡرَهَه نالي بادشاھ جو واقعو به مشهور آهي، اهو بدبخت ڪعبي شريف کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ هاٿين تي سوار فوج ساڻ ڪري آيو هو پر ان کي خبر نه هئي ته هن گهر جو مالِڪ (يعني الله پاڪ) وڏين قدرتن وارو آهي، ربِّ ڪائنات ان جي غرور کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ننڍڙن ننڍڙن پکين (يعني ابابيلن) جي ذريعي ان جي هاٿين تي سوار فوج کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو. الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ فرمائي ٿو:
اَلَمۡ تَرَ کَیۡفَ فَعَلَ رَبُّکَ بِاَصۡحٰبِ الۡفِیۡلِ ؕ(۱) اَلَمۡ یَجۡعَلۡ کَیۡدَہُمۡ فِیۡ تَضۡلِیۡلٍ ۙ(۲) وَّ اَرۡسَلَ عَلَیۡہِمۡ طَیۡرًا اَبَابِیۡلَ ۙ(۳) تَرۡمِیۡہِمۡ بِحِجَارَۃٍ مِّنۡ سِجِّیۡلٍ ۪ۙ(۴) فَجَعَلَہُمۡ کَعَصۡفٍ مَّاۡکُوۡلٍ (۵)
آيت ترجمو ڪنزالعرفان: ڇا تو نه ڏٺو جو تنهنجي ربّ انهن هاٿيءَ وارن جو ڪهڙو حال ڪيو؟. ڇا ان انهن جي مڪر ۽ فريب کي تباهي ۾ نه وڌو. ۽ انهن تي فوج در فوج ملائڪ موڪليا. جيڪي انهن کي روڙي جي پٿرين سان ماريندي هئا. پوءِ انهن کي جانورن جي کاڌل گاھ وانگر ڪري ڇڏيو.
(سيپارو: 30، سورة فيل: 1_5)
پياريون اسلامي ڀينرون! الله پاڪ اسان سڀني کي باربار حج ۽ عمري جي سعادت عطا فرمائي، ياد رکو! گناھ هر جڳھ گناھ ئي آهي، البت حرمِ پاڪ ۾،