$header_html

Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH

ڪندي تقريباً هڪ لک عالم بادشاھ سلامت سان گڏ ٿي ويا. بادشاھ سلامت سفر ڪندي ڪندي مڪي پاڪ پهتو. اتان جو معاملو ٻين شهرن کان بلڪل مختلف هو، تُبَّع حِمۡيَري جنهن شهر ۾ پهچندو  هيو، ماڻهو اڳتي وڌي ڪري استقبال ڪندا هئا پر مڪي پاڪ جي ماڻهن نه بادشاھ جو استقبال ڪيو، نه عزّت ۽ احترام ڪيو. اهو ڏسي ڪري بادشاھ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ان  پنهنجي وزير کي گهرائي ڪري پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته وزير ٻڌايو: بادشاھ سلامت! مڪي شريف ۾ هڪ گهر آهي، جنهن کي هي ماڻهو بيتُ الله چوندا آهن، هي ماڻهو بس ان گهر جي عزّت ڪندا آهن. هي ٻڌي ڪري بادشاھ کي ويتر ڪاوڙ آئي، بادشاھ حڪم ڏنو ته هن گهرَ کي ڪيرايو وڃي ۽ هتان جي ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي. (معاذَ الله!)

   جيئن ئي بادشاھ اهو حڪم جاري ڪيو، انهيءَ وقت سندس مٿي ۾ شديد سورُ شروع ٿي ويو، گڏوگڏ اکين، نڪ ۽ وات مان اهڙو ڌپَ وارو پاڻي وهڻ شروع ٿيو جو ڪو شخص ان وٽ هڪ سيڪنڊ جي لاءِ به نه ترسي سگهندو هو. بادشاھ جي اها حالت ڏسي ڪري طبيبن (Doctors)کي علاج جو حڪم ٿيو، حڪيم، طبيب واري واري سان ڪوششون ڪرڻ لڳا پر بادشاھ جو مرض سمجهڻ ۽ ان جو علاج ڪرڻ ته پري جي ڳالھ، ڪو به بادشاھ وٽ بيهي ئي نه پئي سگهيو. آخر سڀئي طبيبن اهو ئي چيو ته اسان زميني بيمارين جو علاج ته ڪندا آهيون، آسماني مرض جو علاج اسان وٽ ناهي.

   بادشاھ سخت تڪليف ۾ هو، علاج جي ڪا صورت نظر نه پئي آئي، انهيءَ حالت ۾ رات ٿي وئي، هڪ عالِم صاحب وزير وٽ آيو ۽ چيائين: ڪجھ سوال پڇندُس، جيڪڏهن بادشاھ سلامت مونکي صحيح جواب ڏِيَن ته مان سندن علاج ڪري سگهان ٿو. اهو ٻڌي ڪري وزير تمام گهڻو خوش ٿيو، فوراً ان عالِم صاحب کي وٺي بادشاھ وٽ پهتو، بادشاھ ۽ ان عالِم صاحب کي اڪيلو ڇڏيو


 

 



$footer_html