Share this link via
Personality Websites!
حضرت نوري، حضرت رقام ۽ حضرت ابو حمزه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اهي ٽئي عظيم صوفي بزرگ هئا، هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته خليفي جو هڪ وزير صوفين سڳورن جو دشمن ٿي پيو، ان هنن ٽنهي بزرگن جي متعلق خليفي جا ڪن ڀريا ۽ خليفي انهن ٽنهي بزرگن کي قيد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سو انهن ٽنهي بزرگن کي خليفي جي سامهون آندو ويو، خليفي حڪم ڏنو، انهن ٽنهي جو ڪنڌ ڪپيو وڃي. حڪم تي عمل شروع ٿي ويو: جلاد تلوار کڻي اڳتي وڌيو ۽ سڀ کان پهريان حضرت رقام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي شهيد ڪرڻ چاهيو، اهو ڏسي ٻيو بزرگ حضرت نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جلدي مان اٿيو حضرت رقام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي جاءِ تي تلوار جي سامهون ويهي رهيو، جلّاد چيو: اي شخص هيءَ تلوار ڪا راند ناهي. حضرت نوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: توهان صحيح چئو پيا پر دنيا ۾ سڀ کان عزيز شيءِ زندگي آهي ۽ مان چاهيان ٿو ته زندگي جا جيڪي باقي پساهه آهن پنهنجي ڀائرن جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيان.
خليفي جڏهن اها ڳالهه ٻڌي ته معاملو سمجهي ويو، سو قاضي کي هن بزرگن جي متعلق تحقيق جو حڪم ڏنو، آخر هنن ٽنهي بزرگن کي با عزت آزاد ڪيو ويو.[1]
آج ہے اِیثار کا جذبہ جو پروانوں کے پاس تھی کبھی یہ دولتِ بیدار اِنسانوں کے پاس
پياريون اسلامي ڀينرو! اهو آهي ايثار....! اسان کي به گهرجي ته اسان هڪ ٻئي کان وڌي ڪري قرباني ڏيڻ جي عادت بڻايون! ٻين کي راحت پهچائڻ جو ذهن بڻايون، جڏهن اسان پنهنجي مسلمانن سان ائين مخلص ٿي وينديون سين، انهن جي خاطر قربانيون ڏيڻ جو ذهن بڻائي وٺنديون سين ته ان شآءَ الله الڪريم! هڪ ٻئي جي محبت دلين ۾ وڌندي، مسئلا حل ٿي ويندا ۽ الله پاڪ چاهيو ته معاشرو امن ۽ سڪون جو گهوارو بڻجي ويندو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami