Share this link via
Personality Websites!
جا رسول ئي بهتر ڄاڻن ٿا. فرمايو: الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ۽ الله پاڪ جي رضا جي ئي لاءِ دشمني رکڻ.[1]
ڪاش! اسان کي هر تعلق خالص طور الله پاڪ جي رضا جي لاءِ رکڻ جي توفيق ملي وڃي...!! نه ته حالات نازڪ آهن. حضرت احمد بن حسن جرِيرِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پهرين زماني ۾ ماڻهن جو باهمي معاملن جو تعلق دين سان هو، ايستائين جو دين ڪمزور ٿي ويو(يعني دلين مان دين جي اهميت گهٽ ٿيڻ لڳي) ٻئي زماني ۾ ماڻهو وفا جي ذريعي معاملات ڪندا هئا، ايستائين جو وفا ختم ٿي وئي، ٽئين زماني ۾ ماڻهن مروت سان معاملات ڪيا، ايستائين جو مُروت به ختم ٿي وئي ۽ هاڻي لالچ ۽ خوف کان سواءِ ڪجهه باقي ناهي[2]
الله پاڪ اسان کي حرص ۽ هَوس، ذاتي دشمني ۽ لڙائي جهيڙن کان محفوظ فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پياريون اسلامي ڀينرو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي هڪ پياري عادت هيءَ به هئي ته اهي حضرات پاڻ تي ٻين کي ترجيح ڏيندا هئا، جيتوڻيڪ پاڻ انهن کي تڪليف به کڻڻي پوندي هئي پر اهي ٻين کي سڪون پهچائڻ جي ئي ڪوشش ڪندا هئا.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami