Share this link via
Personality Websites!
عبادت میں گزرے مری زندگانی کرم ہو کرم یا خدا! یا الہٰی!
پياريون اسلامي ڀينرو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي هڪ پياري عادت هيءَ به هئي ته اهي نيڪ انسان ڪنهن سان به دشمني نه رکندا هئا، انهن جي دوستي ۽ دشمني جو معيار به الله پاڪ جي رضا هوندو هو يعني هي حضرات جنهن سان دوستي رکندا هئا ته دنيا جي لاءِ، مال ڏسي ڪري، ظاهر ٽپ ٽاپ وغيره ڏسي ڪري نه بلڪ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ چڱن ۽ نيڪ ماڻهن سان ئي دوستي رکندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ناپسند ڪندا هئا ته اهو به پنهنجي ذات جي لاءِ نه بلڪ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ يعني الله جي دشمنن کان ئي دشمني رکندا هئا.
افسوس! اڄڪلهه ڀاءُ ڀاءُ جو گريبان پڪڙي ٿو، ماءُ ڌيءَ ۾ لڙائي ٿيندي آهي، پاڙيسري پاڻ ۾ پيار محبت سان ناهن رهندا، عزيز رشتيدارن سان مرڻ جيئڻ ختم ڪري ڇڏيندا آهن، لڙائي جهيڙا معاشري ۾ وڌندا پيا وڃن ۽ انهيءَ لڙائي جو بنياد ڇا آهي؟ ذاتي بغض، ڪينو، حسد، دنياوي مال و دولت....!! ڪاش! اسان پنهنجي نفس خاطر وڙهڻ ڇڏي ڏيون، اسان جي زندگي جو معيار رڳو الله پاڪ جي رضا جو حصول بڻجي وڃي ته ان شآءَ الله الڪريم معاشرو امن ۽ سڪون جو گهوارو بڻجي ويندو.
هڪ ڀيري مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پياري صحابي حضرت سيدنا ابوذر عفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇيو: یَا اَبَاذَرٍّ اَیُّ عُرَي الْاِیْمَانِ اَوْثَقُ؟ اي ابوذر! ايمان جي سڀ کان مضبوط رسي ڪهڙي آهي؟ عرض ڪيو: اللہ وَرَسُولُہٗ اَعْلَم الله ۽ ان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami