Share this link via
Personality Websites!
جيئن ئي بادشاھ سلامت قدمن جي طرف هٿ وڌايو ته فقير بادشاھ سلامت جو هٿ پڪڙي ورتو ۽ چيو: بس! بادشاھ سلامت.....!! هن دفعي مان کٽي ويس، تون سڃاڻين نه سگهين(يعني اهو شخص ڪو بزرگ هستي نه بلڪ ٻهروپيو هيو). بادشاھ سلامت جڏهن اها ڳالھ ٻڌي ته کائنس خاموشي طاري ٿي وئي ته هي ڇا؟ مان جنهن کي وڏي هستي سمجهي رهيو هيس، اهو ته هڪ ٻهروپيو نڪتو.
خير! هاڻي بادشاھ سلامت اشرفين جي ٿيلهي ڪڍي، ان ٻهروپيي کي ڏيندي چيائين: هن دفعي واقعي تون کٽي وئين، هي وٺ پنهنجو انعام...!! پر هاڻي حالت بدلجي چڪي هئي، ان ٻهروپيي ادب سان عرض ڪيو: بادشاھ سلامت! هاڻي مون کي هنن سڪن جي ضرورت ناهي، مان ڪو نيڪ ماڻهو ناهيان، مون بس ڪجھ ڏينهن نيڪ ماڻهن جي مشابهت اختيار ڪئي آهي، نيڪ ماڻهن سان ڪجھ ڏينهن جي مشابهت جي اها برڪت آهي جو اڄ الله پاڪ وقت جي بادشاھ کي منهنجي قدمن تي جهڪائي ڇڏيو، جيڪڏهن مان واقعي نيڪ ماڻهن جي رستي تي هليس ته الله پاڪ جون ڪيتريون ڪرم نوازيون ٿينديون. هن سابقه ٻهروپيي ايترو چيو ۽ الله پاڪ جي عبادت جي لاءِ جهنگل جي طرف نڪري هليو ويو.[1]
پياريون اسلامي ڀينرون! ڏسو! نيڪ ماڻهن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي انهن جي سيرت تي هلڻ جون ڪيتريون برڪتون آهن، اُن ٻهروپيي بناوٽي نيڪ ماڻهن جو رستو اختيار ڪيو ته الله پاڪ ان کي حقيقت ۾ پنهنجي مقرب ٻانهن جو رستو عطا فرمائي ڇڏيو. اسان کي به گهرجي ته اسان نيڪ ماڻهن جي نقشِ سيرت مان روشني حاصل ڪيون. پنهنجي اسلاف، صحابه ڪرام، اولياءِ ڪرام،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami