Share this link via
Personality Websites!
هن واقعي کي ڪافي ڏينهن گذري ويا، پوءِ هڪ ڏينهن بادشاھ سلامت لشڪر ساڻ ڪري جنگ جي لاءِ روانو ٿيو، بادشاھ اورنگ زيب پاڻ به الله پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا ۽ کين اولياءِ ڪرام سان عقيدت به تمام گهڻي هئي، بادشاھ سلامت لشڪر سان گڏ سفر تي هيا، رستي ۾ جتي جتي ڪنهن ولي ڪامل جي مزار ايندي هئي، بادشاھ سلامت لشڪر کي روڪيندا هيا، مزار شريف تي باادب حاضري ڏيندا، فاتحه پڙهندا ۽ اولياءِ ڪرام جو فيضان حاصل ڪندي اڳتي هلندا پئي ويا. هلندي هلندي هڪ پهاڙي علائقي ۾ پهتا، بادشاھ سلامت ڏٺو: هڪ جبل جي ڀر ۾ هزارين ماڻهن جو هجوم آهي. پاڻ تمام گهڻو حيران ٿيا ته هن غيرآباد علائقي ۾ ايترو هجوم ڇا جي لاءِ آهي؟ خير! معلومات ڪئي وئي ته خبر پئي ته ڪي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن، جيڪي هن جبل جي غار ۾ رهندا آهن، نهايت باڪمال بزرگ آهن، هروقت الله پاڪ جي ياد ۾ اکيون بند ڪري ويٺا هوندا آهن. هي سڀئي ماڻهو پري پري کان سندن زيارت جي لاءِ حاضر ٿيا آهن. اهو ٻڌي ڪري بادشاھ سلامت کي زيارت جو شوق ٿيو، جيئن ته لشڪر روڪيو ويو، رات اُتي ئي گذري، صبح جو بادشاھ سلامت تازو غسل ڪيو، نوان ڪپڙا پاتا، نيڪ ٻانهي جي خدمت ۾ حاضري جي لاءِ ادب طور ٻه رڪعت نفل ادا ڪيا، پوءِ پيرين اگهاڙي غار ۾ تشريف وٺي ويا، ڏٺائين، هڪ فقير اکيون بند ڪيو ويٺو آهي، بادشاھ سلامت ادب سان هٿ ٻڌي ڀرسان ويهي رهيا، گهڻو دير تائين ويٺا رهيا، ڳالهائڻ، ڪا گفتگو ڪرڻ ته پري جي ڳالھ فقير اکيون کولي به نه ڏٺو، بادشاھ سلامت ڏاڍو متاثر ٿيو ته ڪهڙو نه دنيا کان بي رغبتي رکڻ وارو بزرگ آهي، وقت جو بادشاھ آيو آهي، انهن کي ڪا پرواھ ناهي، بس الله پاڪ جي طرف لو لڳائي ويٺا آهن.
گهڻو دير ويهڻ کان بعد بادشاھ سلامت واپسي جو ارادو ڪيو، پنهنجي جڳھ کان اٿيا ۽ نيڪ بزرگ جي تعظيم جي نيت سان قدم چمڻ جي لاءِ اڳتي وڌيا،
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami