Share this link via
Personality Websites!
هليو ويو. ڪجھ ڏينهن گذريا، بادشاھ سلامت بيمار ٿي پيو، سڄي ملڪ ۾ خبر پکڙجي وئي. هڪ ڏينهن دربان بادشاھ سلامت جي خدمت ۾ اچي عرض ڪيو: عاليجاھ! اوهان جي بيمار هجڻ جي خبر ايران ۾ به پهچي وئي آهي، شاھِ ايران اوهان جي علاج جي لاءِ هڪ طبيب موڪليو آهي، جيڪو ٻاهر دروازي تي بيٺو آهي، اوهان حڪم ڏيو ته مان ان کي اندر وٺي اچان. بادشاھ سلامت طبيب کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني، ٿوري دير بعد هڪ طبيب صاحب درٻار ۾ داخل ٿيو، وڏو جبو پاتل، مٿي تي وڏي دستار ٻڌل، پٺيان غلامن جي هڪ قطار جن جي مٿي تي دوائن جا ڪاٽن هئا، طبيب صاحب بادشاھ جي خدمت ۾ سلام عرض ڪيو، ادب سان هٿ چمڻ لڳو ته بادشاھ سلامت مسڪرائڻ لڳا ۽ فرمايو: مان تو کي سڃاڻي ورتو آهي، تون طبيب ناهين، بلڪ اهو ئي ٻهروپيو آهين. ايترو ٻڌڻو هيو ته ٻهروپيو شرمسار ٿي ويو ۽ ٻيهر ڪوشش ڪرڻ جو چئي هليو ويو.
ڪجھ ڏينهن گذريا عيدالفطر جو ڏينهن آيو، عيد جي نماز کان بعد ٻيهر درٻار لڳايو ويو، بادشاھ سلامت تخت تي تشريف فرما ٿيا، اردگرد جي ملڪن جا تحفا بادشاھ سلامت جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا، انهيءَ دوران هڪ شخص اڳتي وڌيو، عرض ڪيو: عاليجاھ! مان فلاڻي ملڪ جو ايلچي آهيان، اسان جي بادشاھ سلامت اوهان جي لاءِ هڪ انمول هيرو تحفي ۾ موڪليو آهي، هي چئي ڪري ان تحفي وارو ڊٻو کولي بادشاھ سلامت جي سامهون رکي ڇڏيو. باشاھ اورنگ زيب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وري مسڪرائي فرمايو: هن دفعي به مون توکي سڃاڻي ورتو آهي، تون اهو ئي ٻهروپيو آهين. ويچارو ٻهروپيو وري شرمندگي سان سان ڪنڌ جهڪائي هليو ويو، ان دل ئي دل ۾ پڪو اِرادو ڪيو ته هن دفعي مان اهڙو روپ اختيار ڪندس جو بادشاھ سلامت هرگز مون کي سڃاڻي نه سگهندو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami