Share this link via
Personality Websites!
شخص جو طريقو چڱو لڳي ٿو، اهو انهيء مثل آهي.
الله اڪبر! پياريون اسلامي ڀينرون! هنن حديثن تي باربار غور ڪيو! جنهن کي جنهن جو طريقو چڱو لڳي ٿو، اهو انهي جي مثل آهي.
تون جنهن سان محبت ڪرين ٿو انهيءَ سان گڏ رهندين
صحابي رسول، حضرت ابوذرغِفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ڀيري بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هڪ ماڻهو آهي، اهو ڪنهن قوم سان محبت ڪري ٿو پر ان جهڙو عمل نٿو ڪري سگهي(ان جي متعلق ڇا حڪم آهي)؟ پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اَنْتَ یَااَبَاذَرٍّ مَعَ مَنْ اَحْبَبْتَ يعني اي ابوذر! تون قيامت جي ڏينهن انهيء سان گڏ رهندين، جنهن سان محبت ڪرين ٿو.
نيڪ ماڻهن سان مشابهت جا ديني ۽ دنياوي فائدا
سُبْحٰنَ اللہ! پياريون اسلامي ڀينرون! غور فرمايو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جهڙو بڻجڻ جي خواهش ۽ ڪوشش ڪرڻ جي ڇا ته فضيلت آهي...!! عالم سڳورا فرمائن ٿا: * نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل ٺاهڻ سُنّتِ مصطفي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي هلڻ جو وسيلو آهي * نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل ٺاهڻ جي برڪت سان الله پاڪ جي خاص مدد ۽ نصرت ملندي آهي * نيڪ ماڻهن کي آئيڊيل ٺاهڻ جي برڪت سان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خصوصي شفقت نصيب ٿيندي آهي * جيڪو نيڪوڪارن کي آئيڊيل بڻائيندو آهي، ان تي الله پاڪ جي رحمت وسندي آهي * جيڪو نيڪوڪارن کي آئيڊيل ٺاهيندو آهي، ان جي، ان جي اهل و عيال، ايستائين جو ان جي پاڙيسرين جي به حفاظت ڪئي ويندي آهي * جيڪو نيڪوڪارن کي آئيڊيل بڻائيندو آهي، ان جون دعائون قبول ٿينديون آهن * نيڪ ماڻهن جو رستو اپنائڻ جي برڪت سان دنيا ۾ ڀلائي *
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami