Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
يعني مسلمان جيڪي غلامي جي چڪي ۾ پسجي رهيا آهن، مسلمان جيڪي تنزُلي جو شڪار ٿيا آهن، ان جو سبب اصل ۾ هيءُ آهي ته انهن پنهنجي اسلاف جو رستو ڇڏي ڏنو، غير قومن کي ڏسڻ شروع ڪيو. جڏهن سچائي هي آهي ته اُمَّت مسلمه پنهنجي ترڪيب، پنهنجي مزاج ۾ ٻين تمام قومن کان مختلف آهي، تنهنڪري * مسلمان کي هيءُ ناهي ڏسڻو ته فلاڻي ملڪ ۾ ڇا ٿي ٿو، مسلمان کي هيءُ ڏسڻو آهي غوث پاڪ رَحمۃُ اللہ علیہ ڪيئن زندگي گذاريندا هئا. * مسلمان کي هيءُ ناهي ڏسڻو ته اڄ دنيا ۾ ٽريڊ ڇا هلي رهيو آهي، مسلمان کي هي ڏسڻو آهي ته داتا حضور، خواجه اجمير، اعليٰ حضرت وغيره اولياءِ ڪرام، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪيئن زندگي گذريندا هئا. مطلب ته: مسلمانن جڏهن به ترقي ڪئي آهي، پنهنجي اسلاف جو رستو اپنائي ئي ڪئي آهي ۽ آئنده جڏهن جڏهن ترقي ڪندا، پنهنجي اسلاف جو رستو اختيار ڪري ئي ڪندا. ان کان علاوه اسان وٽ ترقي و ڪاميابي جو ٻيو ڪوبه رستو ناهي. انهيءَ ڪري اڄ هن ڳالھ جي سخت ضرورت آهي ته اسان پنهنجي اسلاف کي پنهنجو آئيڊيل بڻايون، انهن جي نقش قدم تي هلڻ، انهن جهڙي طرز زندگي اپنائڻ، انهن جهڙو بڻجڻ جي شديد خواهش پنهنجي دل ۾ وڌايون، اسان جي دل ۽ دماغ تي هر وقت بس هڪ ئي تمنا سوار هجڻ گهرجي ته مون کي الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جهڙو بڻجڻو آهي. جيڪڏهن اها خوبصورت تمّنا اسان کي نصيب ٿي وڃي ته يقين ڪيو! اسان جي دنيا سنورجي ويندي ۽ آخرت ۾ به ٻيڙو پار ٿي ويندو. اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم!
الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ تَشَبَّهَ بِقَوْمٍ فَهُوَ مِنْهُمْ