Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
ڪروڙن، اربن جي تعداد ۾ آهن پر غير مسلم هر هنڌ غالب آهن، سڄي دنيا ۾ مسلمان تقريباً هر هنڌ ئي تَنزُّلي جو شڪار آهن. هن سڄي صورت حال جو اصل بنيادي سبب اهو ئي آهي ته اڄ مسلمانن پنهنجي اسلاف(پهريان جي بزرگانِ دين، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن) جو رستو ڇڏي ڪري غير قومن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي ڇڏيو آهي پر ياد رکو! اُمتِ مُسلمه ٻين سڀني قومن کان مختلف آهي:
اپنی مِلَّت پر قِیاس اَقْوامِ مغرب سے نہ کر خاص ہے ترکیب میں قَوْمِ رَسُولِ ہاشمی
يعني اُمّتِ مسلمه جو مزاج ٻين تمام قومن کان مختلف آهي، اسان دنيا جي ڪنهن به معاشري. ڪنهن به قوم، ڪنهن به ملڪ کي پنهنجو آئيڊيل بڻايون، اسان هرگزهرگز ترقي نه ڪري سگهنداسون؟ ڇو....!! ان ڪري جو اُمّت مسلمه جي تَرّقي جو رستو ٻيو آهي، ٻين قومن جي ترقّي جو رستو ٻيو آهي.
هي ڳالھ نهايت اهم، سمجهڻ ۽ ذهن ۾ ويهارڻ جي آهي ته اسان جو ۽ ٻين قومن جو رستو به مختلف آهي، منزل به مختلف آهي. شايد دنيا جون ٻين قومن کي انهن جي مستقبل ۾ ترقّي ملي ويندي هوندي پر اُمت مسلمه جي ترقي مستقبل ۾ نه بلڪه ماضي ۾ آهي، هميشه ياد رکو! اسان جيترو پنهنجي ماضي جي طرف وڌنداسين، اسان کي اوتري ترقي ملندي.
ڏسو! برصغير ۾ مسلمان غلامي جي زندگي گذاري رهيا هئا، مسلمان ظُلم جي چڪيءَ ۾ پسجي رهيا هئا، مُسلسل تنزُّلي جو شڪار هئا، ڊاڪٽر اقبال ان تنزلي جا سبب بيان ڪندي لکي ٿو:
کس کی آنکھوں میں سمایا ہے شعارِ اَغْیار؟ ہو گئی کس کی نگہ طرزِ سلف سے بیزار؟
حیدری فقر ہے، نے دولتِ عثمانی ہے تم کو اَسْلاف سے کیا نسبتِ روحانی ہے؟