Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
جي خواهش ڪرڻ، نيڪ ماڻهن جي مشابهت اختيار ڪرڻ ڪيتري قدر اهم آهي. حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن، سندن خليل الله آهن، ابوالانبياء آهن، سڄي مخلوقات ۾ سڀني کان افضل هستي اسان جا آقا و موليٰ مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کان بعد سڀني کان وڌيڪ جيڪي افضل آهن اهي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام آهن پر غور ڪيو! ايترو بلند رتبو هجڻ جي باوجود حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام دعا ڪهڙي فرمائي.؟
وَّ اَلۡحِقۡنِیۡ بِالصّٰلِحِیۡنَ (ۙ۸۳) (پارہ:19 ،سورۂ شعراء:83)
ترجموڪنزالعرفان: مون کي انهن سان ملاءِ جيڪي خاص تنهنجي قرب جي لائق ٻانها آهن.
يقيناً انبياءِ ڪرام عَلَيهم السَّلَام جون هي دعائون اسان جي تعليم جي لاءِ آهن، انهن ۾ اسان کي هي سيکاريو ويو آهي ته صالحين يعني نيڪ ماڻهن جي رستي تي هلڻ، انهن جي مشابهت اختيار ڪرڻ الله پاڪ وٽ گهڻو محبوب آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي دور ۾ معاشرو جنهن رستي جو مسافر بڻجي چڪو آهي، اهڙي حالات ۾ هي خواهش دل ۾ وڌائڻ جي گهڻي ضرورت آهي، اسان سڀني جي دل ۾ هي تمنّا ضرور هجڻ گهرجي ته ڪاش!
وَ نَطۡمَعُ اَنۡ یُّدۡخِلَنَا رَبُّنَا مَعَ الۡقَوۡمِ الصّٰلِحِیۡنَ (۸۴) (پارہ:7،سورۂ مائدہ:84)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ اسان لالچ ڪيون ٿا ته اسان کي اسان جو رب نيڪ ماڻهن سان گڏ (جنت ۾) داخل ڪري ڇڏي
اُمّتِ مسلمه جي ترقي جو اصل رستو
پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ وقت هيو مسلمان تعداد ۾ گهٽ هئا پر عروج هيو ۽ ترقي ۽ ڪاميابي هر ميدان ۾ سندن مقدر بڻجي پر افسوس! اڄ مسلمان