Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

وڃن، ان جون جيتريون برڪتون بيان ڪيون وڃن گهٽ آهن، ان بي مثال تمنّا جي اهميت جو اندازو هتان ئي کان لڳايو ته انبياءِ ڪرام عَلَيهم السَّلَام......!! ڪائنات جون سڀني کان بلند ترين هستيون آهن....!! انهن کان وڌيڪ ڪير نيڪ، انهن کان وڌيڪ ڪير متقي، انهن کان وڌيڪ ڪو پرهيزگار، انهن کان وڌيڪ الله پاڪ جو قرب رکڻ وارو ڪو ٿي ئي نٿو سگهي، ان جي باوجود انبياءِ ڪرام عَلَيهم السَّلَام عاجزي ڪندا، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هي دعا ڪندا هئا ته موليٰ! اسان کي اسان کان پهريان وارن ماڻهن ۾ شامل فرماءِ.

مثلاً الله پاڪ جي نبي حضرت يوسف عَلَيه السَّلَام بارگاھِ الٰهي ۾ عرض ڪيو:

وَّ اَلۡحِقۡنِیۡ  بِالصّٰلِحِیۡنَ (۱۰۱)  (پارہ:13،سورۂ یوسف:101)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ مونکي پنهنجي قرب جي لائق ماڻهن ۾ شامل فرماءِ.

اهڙي طرح حضرت سُليمان عَلَيه السَّلَام دعا ڪئي:

وَ اَدۡخِلۡنِیۡ بِرَحۡمَتِکَ فِیۡ عِبَادِکَ الصّٰلِحِیۡنَ (۱۹)  (پارہ:19،سورۂ نمل:19)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي انهن ٻانهن ۾ شامل ڪر جيڪي تنهنجي خاص قرب جي لائق آهن.

اهڙي طرح الله پاڪ جي نبي حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام دعا ڪئي:

رَبِّ ہَبۡ لِیۡ حُکۡمًا وَّ اَلۡحِقۡنِیۡ بِالصّٰلِحِیۡنَ (ۙ۸۳)  (پارہ:19 ،سورۂ شعراء:83)

ترجموڪنزالعرفان: اي منهنجا رب! مون کي حڪمت عطا ڪر ۽ مون کي انهن سان ملاءِ جيڪي خاص تنهنجي قرب جي لائق ٻانها آهن.

الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! نيڪ ماڻهن جي رستي تي هلڻ