Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

سُبْحٰنَ اللہ! پياراپيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! ڪيتري پياري خواهش آهي، ڪيتري نرالي تمنّا آهي ته ڪاش! الله پاڪ اسان کي اسان کان پهريان وارن نيڪ ماڻهن ۾ شامل فرمائي. الله پاڪ کي انهن نئين مُسلم صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جو هي جواب، انهن جا هي پيارا جملا ۽ انهن جي هي خوبصورت تمنّا اهڙي پسند آئي جو ربّ ڪائنات قرآن ڪريم ۾ ان کي ذڪر فرمايو ۽ سندن هن تمنّا کي قبوليت سان سرفراز ڪندي فرمايو:  

فَاَثَابَہُمُ اللّٰہُ بِمَا قَالُوۡا جَنّٰتٍ تَجۡرِیۡ مِنۡ تَحۡتِہَا الۡاَنۡہٰرُ خٰلِدِیۡنَ فِیۡہَا ؕ       وَ ذٰلِکَ  جَزَآءُ   الۡمُحۡسِنِیۡنَ (۸۵)

(پارہ:7،سورۂ مائدہ:85)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ الله انهن جي هن چوڻ جي بدلي انهن کي اهي باغ عطا ڪيا جن جي هيٺان نهرون جاري آهن، هميشه انهن ۾ رهندا ۽ هي نيڪ ماڻهن جي جزا آهي.

مشهور مفسر حڪيم الامت، مفتي احمديار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت ڪريمه جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن آيت مان معلوم ٿيو ته چڱن جو ساٿ ۽ نيڪوڪارن ۾ داخل ٿيڻ الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، وڌيڪ هي به معلوم ٿيو ته الله پاڪ غفور ۽ رحيم آهي، چاهي ته هڪ چڱي لفظ جي صدقي سڀئي گناھ بخشي ڪري جهنمي کي جنتي بڻائي ڇڏي، ڏسو! انهن نئين مسلمان صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان (پنهنجي دل جي تمنّا جو اظهار ڪندي) صرف ايترو چيو:

وَ نَطۡمَعُ اَنۡ  یُّدۡخِلَنَا رَبُّنَا مَعَ  الۡقَوۡمِ الصّٰلِحِیۡنَ (۸۴(پارہ:7،سورۂ مائدہ:84)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اسان لالچ ڪيون ٿا ته اسان کي اسان جو رب نيڪ ماڻهن سان گڏ (جنت ۾) داخل ڪري ڇڏي