Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

   جڏهن هي خوش نصيب حضرات صحابيت جو شرف ماڻي واپس حبشه پهتا ته اُتان جي غير مسلمن انهن کي طعنا ڏنا. ان تي خوشنصيب صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان غيرمسلمن کي جواب ڏنو، الله پاڪ انهن جو اهو جواب قرآن ڪريم ۾ ذڪر فرمايو، ارشاد ٿئي ٿو:

وَ مَا لَنَا لَا نُؤۡمِنُ بِاللّٰہِ وَ مَا جَآءَنَا مِنَ الۡحَقِّ ۙ       وَ نَطۡمَعُ اَنۡ  یُّدۡخِلَنَا رَبُّنَا مَعَ  الۡقَوۡمِ الصّٰلِحِیۡنَ (۸۴)

(پارہ:7،سورۂ مائدہ:84)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اسان کي ڇا آهي ته اسان الله تي ۽ ان حق تي ايمان نه آڻيون جيڪو اسان وٽ آيو ۽ اسان لالچ ڪيون ٿا ته اسان کي اسان جو رب نيڪ ماڻهن سان گڏ (جنت ۾) داخل ڪري ڇڏي

 يعني اسان الله پاڪ ۽ ان جي سچي ۽ آخري رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ايمان ڇونه آڻيون؟ جڏهن اهو حق اسان وٽ اچي ويو ۽ اسان ان کي سڃاڻي به ورتو، پوءِ ايمان آڻڻ ۾ رڪاوٽ ڪهڙي آهي؟ (اي غيرمسلمو! توهان اسان جي اسلام قبول ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ٿا جڏهن ته) اسان جو حال هي آهي جو اهي خوش نصيب صحابه ڪرام عَلَيۡهِم الرِّضْوَان جيڪي اسان کان پهريان ايمان کڻي آيا. انهن اسان کان وڌيڪ نيڪيون به ڪيون، اسان کان پهريان ايمان آندائون، انهن اسان کان پهريان اسلام جي تمام گهڻي خدمت ڪري ترقي به ڪري چڪا، افسوس! اسان پهريان ايمان قبول نه ڪري سگهياسين، اسان انهن جي برابر نيڪيون نه ڪري سگهياسين، هاڻي تمنّا آهي ته ڪاش! الله پاڪ پنهنجي رحمت کان اسان کي انهن ۾ شامل فرمائي، ڪاش! اسان جوشمار انهن نيڪ ٻانهن ۾ ٿي وڃي.[1]


 

 



[1] تفسیر نعیمی، ج۷، ص۲۷ و ۲۹ خُلاصۃً