Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
ڀائرن کي تجويد سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي ۽ گڏوگڏ بنيادي ضروري اَحڪام و مَسَائل ۽ سنتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن۔
فيشن پرست سُنتن جو عامِل بڻجي ويو
بلوچستان جي رهواسي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي: دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گھڻو فيشن پرست هيس، چهري تي نه ڏاڙھي هئي نه مٿي تي عمامي شريف جو تاج، سنّت جي راھ کان پري دُنيا جي محبت ۾ پنهنجي قيمتي زندگي کي بي عملي ۽ جهالت جي اونداهي ۾ گذاري رهيو هيس۔ منهنجي زندگي ۾ روشني هن طرح نمودار ٿي جو هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي تجويد سان قرآن پاڪ پڙهڻ جو ذهن ڏنو، نماز عشاء کان پوءِ لڳائي ويندڙ اسلامي ڀائرن جي مدرسة المدينه ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، مون ان جي نيڪي جي دعوت کي قبول ڪري ورتو ۽ اسلامي ڀائرن جي مدرسة المدينه ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس، الحمد لله! هن جي برڪت سان مون تجويد سان قرآن ڪريم پڙهڻ سکي ورتو ۽ فيشن پرستي ڇڏي سنّتن جو عامل بڻجي ويس۔
یہی ہے آرزو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے تلاوت کرنا صُبح و شام میرا کام ہو جائے
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: