Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

وڌي ڪري قرباني ڏيڻ جي عادت بڻايون! ٻين کي راحت پهچائڻ جو ذهن بڻايون، جڏهن اسان پنهنجي مسلمان ڀائرن سان ائين مخلص ٿي وينداسين، انهن جي خاطر قربانيون ڏيڻ جو ذهن بڻائي وٺنداسين ته ان شآءَ الله الڪريم! هڪ ٻئي جي محبت دلين ۾ وڌندي، مسئلا حل ٿي ويندا ۽ الله پاڪ چاهيو ته معاشرو امن ۽ سڪون جو گهوارو بڻجي ويندو.

جذبۂ اِیثار دِل میں ہو اگر                                                مسئلوں کا حل نکلتا جائے گا

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ ماڻهن جون اهي ڪجهه مبارڪ عادتون اسان ٻڌيون، اسان کي گهرجي ته اسان اهي عادتون اپنايون، ان سان گڏوگڏ نيڪ ماڻهن کي پنهنجو آئيڊيل به بڻايون. صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي اها مبارڪ تمنا جنهن جو بيان اسان شروع ۾ ٻڌو ته صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان  چيو.

وَ نَطۡمَعُ اَنۡ  یُّدۡخِلَنَا رَبُّنَا مَعَ  الۡقَوۡمِ الصّٰلِحِیۡنَ (۸۴)  (پارہ:7،سورۂ مائدہ:84)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اسان لالچ ڪيون ٿا ته اسان کي اسان جو رب نيڪ ماڻهن سان گڏ (جنت ۾) داخل ڪري ڇڏي

ڪاش! اها تمنا دل ۾ وڌائڻ نصيب ٿي وڃي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمد لله! دعوتِ اسلامي تحت مسجدن ۾، اسڪول، ڪاليج ۽ مارڪيٽن وغيره ۾ لڳندڙ مدارِسُ المدينه ۾ وڏي عمر جي اسلامي