Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
هڪ ڀيري مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي پياري صحابي حضرت سيدنا ابوذر عفاري رَضِىَ اللهُ عَنْه کان پڇيو: یَا اَبَاذَرٍّ اَیُّ عُرَي الْاِیْمَانِ اَوْثَقُ؟ اي ابوذر! ايمان جي سڀ کان مضبوط رسي ڪهڙي آهي؟ عرض ڪيو: اللہ وَرَسُولُہٗ اَعْلَم الله ۽ ان جا رسول ئي بهتر ڄاڻن ٿا. فرمايو: الله پاڪ جي رضا جي لاءِ محبت ۽ الله پاڪ جي رضا جي ئي لاءِ دشمني رکڻ.[1]
ڪاش! اسان کي هر تعلق خالص طور الله پاڪ جي رضا جي لاءِ رکڻ جي توفيق ملي وڃي...!! نه ته حالات نازڪ آهن. حضرت احمد بن حسن جرِيرِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: پهرين زماني ۾ ماڻهن جو باهمي معاملن جو تعلق دين سان هو، ايستائين جو دين ڪمزور ٿي ويو(يعني دلين مان دين جي اهميت گهٽ ٿيڻ لڳي) ٻئي زماني ۾ ماڻهو وفا جي ذريعي معاملات ڪندا هئا، ايستائين جو وفا ختم ٿي وئي، ٽئين زماني ۾ ماڻهن مروت سان معاملات ڪيا، ايستائين جو مُروت به ختم ٿي وئي ۽ هاڻي لالچ ۽ خوف کان سواءِ ڪجهه باقي ناهي[2]
الله پاڪ اسان کي حرص ۽ هَوس، ذاتي دشمني ۽ لڙائي جهيڙن کان محفوظ فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي هڪ پياري عادت هيءَ به