Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
رياڪاري ۽ ڏيکاءُ کان بچون، هميشه هر ڪم ۾ الله پاڪ جي رضا کي ذهن ۾ رکو.
بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ گناہوں سے ہر دم بچا یا الہٰی!
مِرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو کر اِخلاص ایسا عطا یا الہٰی!
عبادت میں گزرے مری زندگانی کرم ہو کرم یا خدا! یا الہٰی!
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي هڪ پياري عادت هيءَ به هئي ته اهي نيڪ انسان ڪنهن سان به دشمني نه رکندا هئا، انهن جي دوستي ۽ دشمني جو معيار به الله پاڪ جي رضا هوندو هو يعني هي حضرات جنهن سان دوستي رکندا هئا ته دنيا جي لاءِ، مال ڏسي ڪري، ظاهر ٽپ ٽاپ وغيره ڏسي ڪري نه بلڪ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ چڱن ۽ نيڪ ماڻهن سان ئي دوستي رکندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ناپسند ڪندا هئا ته اهو به پنهنجي ذات جي لاءِ نه بلڪ الله پاڪ جي رضا جي لاءِ يعني الله جي دشمنن کان ئي دشمني رکندا هئا.
افسوس! اڄڪلهه ڀاءُ ڀاءُ جو گريبان پڪڙي ٿو، پيءُ پٽ ۾ لڙائي ٿيندي آهي، پاڙيسري پاڻ ۾ پيار محبت سان ناهن رهندا، عزيز رشتيدارن سان مرڻ جيئڻ ختم ڪري ڇڏيندا آهن، لڙائي جهيڙا معاشري ۾ وڌندا پيا وڃن ۽ انهيءَ لڙائي جو بنياد ڇا آهي؟ ذاتي بغض، ڪينو، حسد، دنياوي مال و دولت....!! ڪاش! اسان پنهنجي نفس خاطر وڙهڻ ڇڏي ڏيون، اسان جي زندگي جو معيار رڳو الله پاڪ جي رضا جو حصول بڻجي وڃي ته ان شآءَ الله الڪريم معاشرو امن ۽ سڪون جو گهوارو بڻجي ويندو.