Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تُدْخِلُ صَاحِبَہَا الْجَنّۃَ يعنيسچي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهنديس * بيان دروان سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

صحابه ڪرام جي هڪ خوبصورت تمنا

حضرت نجاشي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جيڪو حبشه جو بادشاھ هيو، ۽ انهن پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ظاهري زندگي ئي ۾ ڪلمو پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هي پاڻ ته ڪنهن سبب جي ڪري بارگاھ رسالت ۾ حاضر نه ٿي سگهيا، البته هڪ ڀيري انهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ 70 افراد تي مشتمل هڪ وفد موڪليو، هي ماڻهو جڏهن بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿيا ته الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي سامهون سوره ياسين جي تلاوت فرمائي. انهن جڏهن زبان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مان ربّ العالمين جو ڪلام ٻڌو ته انهن تي رقت طاري ٿي وئي ۽ زارو قطار روئڻ لڳا. اهڙي پُرسوز تِلاوت ۽ پُرتاثير ڪلام ٻڌي ڪري انهن جون دليون روشن ٿي ويون ۽ هي سڀئي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.


 

 



[1]... مسند فِرْدَوس، جلد:4، صفحہ:305، حدیث:6895۔